تڪراري ٽوئٽ ڪيس، ايمان مزاري جو مڙس هادي علي چٺه گرفتار

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي عدالت ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺه خلاف تڪراري ٽوئٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت هادي علي چٺه جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت مان نڪرڻ شرط ئي نيشنل سائبر ڪرائمانويسٽيگيشن ايجنسي جي اهلڪارن کيس هٿڪڙيون هڻي گرفتار ڪري ورتو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوکا جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جج حڪم ڏنو ته هادي علي چٺه کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، حڪم بعد عدالتي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ذريعن موجب، ٻڌڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيئن ئي هادي علي چٺه عدالت مان ٻاهر نڪتو، کيس گرفتار ڪيو ويو، ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه خلاف نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي  طرفان پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، هادي علي چٺا کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.