ايجوڪيشن سٽي کي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف ملير ۾ احتجاج

ملير (رپورٽ جميل چانڊيو)ايجوڪيشن سٽي کي 10 هزار ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن ۽ زميندارن لنڪ روڊ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ضياءُ الدين يونيورسٽي آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاھري جي اڳواڻي سليم سالار جوکيو،مجاھد جوکيو،عبدالرازاق سالار،نور حسن جوکيو،وائيس چيئرمين يو سي گھگھر ستار خليفو جوکيو،ڪائونسلر حسين بخش جوکيو، سليم جوکيو ڪري رھيا ھئا، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي ايجوڪيشن سٽي خلاف نعرا درج ھئا، مظاھري کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته ايجوڪيشن سٽي والار آهي هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ، باغ، زرعي زمينون کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اڳ به 9 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ايجوڪيشن سٽي کي ڏني وئي هاڻي وري 10 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڏيڻ سراسر زيادتي آهي، ڪراچي ۾ سنڌين جي شناخت ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن، اڳواڻن چيو ته صدين کان ڳوٺ قائم آهن، ڳوٺن سميت گذر معاش جا زرعي وسيلا کسيا پيا وڃن اسان کي ايجوڪيشن سٽي نه پر زراعت سٽي جي ضرورت آھي، سنڌ حڪومت فيصلي تي نظرثاني ڪري ٻئي صورت هي تحريڪ تيز ٿيندي،اڳواڻن چيو ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي سان اسان جي معاشي قتل سان گڏ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، فوري طور تي فيصلو واپس ورتو وڃي، مري وينداسين زمين ڪنهن به صورت نه ڏينداسين،  اڳواڻن چيو ته اسان جي ملير جا چونڊيل نمائندا ھيڏي وڏي زيادتي تي خاموش آھن اسان جا نمائنده عوام کان ووٽ وٺي وڃن ٿا پرعوام جي سار نه ٿا لھن، اخلاقن انھن کي استعيفا ڏيڻ گھرجي ۽ پنھنجي عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف اسان سان گڏ بيھڻ گھرجي مگر انھن کي اقتدار جي لالچ آ، اسان زمينون بچائڻ لاءِ قانوني ۽  احتجاجي رستو اختيار ڪيو آهي، هي جدوجهد ڏينهون ڏينهن تيز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.