تحريڪ لبيڪ 600 ڪارڪن مارڻ جو الزام لڳايو، لاش ڪٿي آهن:مريم نواز

لاهور(م ڊ) وزيرِ اعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته بندش پيل تحريڪ لبيڪ (ٽي ايل پي) جا 600 ڪارڪن پوليس فائرنگسان ماريا ويا، جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو آهي ته اهي لاش ڪٿي ويا، ۽ اهي ثبوت ڪٿي آهن؟ مريم نواز اهو سوال ڪيو آهي ته اهڙو ڪهڙو قتل آهي جنهن جي ڪا ويڊيو موجود ناهي. لاهور ۾ اتحاد بين المسلمين ڪميٽي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪنهن به ملڪ جو سفارتڪار اسان جو مهمان آهي ۽ ان جي حفاظت اسان سڀني جي ذميواري آهي. هن چيو ته دنيا ۾ جتي به سفارتڪارن جي حفاظت ڪئي ويندي آهي، اتي سياست يا مذهب جي آڙ ۾ انتها پسندي، هٿيار کڻڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ هرگز قبول ناهي. مريم نواز چيو ته اهو چيو ويو ته ڪيترائي ماڻهو قتل ٿي ويا، جيڪڏهن ائين ٿيندو ته لاش هر هنڌ نظر ايندا، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته مهرباني ڪري اهي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي پوليس کي سزا ڏي سگهن. هن چيو ته اسان جا جوان شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪي دنيا ڏٺو، پر انهن ماڻهن جا لاش ڪٿي ويا؟وزيرِ اعليٰ پنجاب وڌيڪ چيو ته اڊياله جيل ۾ ويٺل هڪ شخص ٽوئيٽ ڪري چيو ته 600 ماڻهو مارجي ويا، اهو ئي شخص آهي جنهن پنهنجي دور ۾ مسجد ۾ وڃي گوليون هلائڻ شروع ڪيون ۽ ماڻهن کي ماريو، هاڻ جڏهن سندس جماعت ڪمزور ٿي وئي آهي، ته هو مذهبي موضوعن کي استعمال ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.