ميرپور بٺوري ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

ميرپور بٺورو (رپورٽ: امتياز علي سومرو) ميرپوربٺورو ڀرسان جت برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان هلندڙ خوني جهيڙي وڌيڪ ٻه قيمتي زندگيون ضايع ڪري ڇڏيون، ديوان شگر مل ڀرسان ويٺل جت برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ تڪرار تان  وڌيڪ 2 قيمتي زندگيون ضايع ٿي ويون، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته بدين جيل ۾ قيد نوجوان عبدالقادر جت سان ملاقات لاءِ ويندڙ سندس چاچي هاشم جت ۽  ڀاءُ عبدالطيف جت کي ڪار سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿيل مقتولن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سجاول اسپتال اماڻيو ويو، پوليس قانوني ڪارروائي بعد اسپتال مان لاشن کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن واقعي جي اطلاع بعد ڊي ايس پي ميرپوربٺورو جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس جي نفري پهچي ڌرين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻي پوليس چوڪي قائم ڪري ڇڏي، واقعي سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ڌرين وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ جو  خدشو وڌي ويو، ڪجهه ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جت برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مبينا طور زميني تڪرار تان شروع ٿيل خوني جهيڙي سبب هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 8 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ڪيو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي ميرپوربٺورو پوليس ٻڌايو ته جت برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو، اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ڪيو ويو آهي مقتولن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.