اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان واضح ڪيو آهي ته اسرائيل کي نه تسليم ڪيو آهي نه فوج مقرري جي ڳالهه ڪئي آهي. سڌ سماءُ واري عطا تارڙ غزا ۾ پاڪستان فوج جي مقرري ۽اسرائيل کي تسليم ڪرڻ بابت ڀارتي واويلا کي وائکو ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ڀارتي رسالي فرسٽ پوسٽ ۾ ڪوڙي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستاني فوجي قيادت جو سي آءِ اي ۽ موساد سان معاهدو ٿيو آهي ۽ فرسٽ پوسٽ اها ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته ان معاهدي تحت 20 هزار پاکستانی فوجي غزہ موڪليا ويندا. هن دعويٰ تي وزير اطلاعات و نشريات عطا تارڙ چيو ته پاڪستان نه ڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن فوجي مقرري تي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي فوج جي تعلقات عامه واري شعبي (آءِ ايس پي آر) ۽ پرڏيهي وزارت به غزہ ۾ ڪنهن فوجي مشن جي حمايت يا اعلان ڪڏهن ناهي ڪيو.عطا تارڙ جو چوڻ هو ته فرسٽ پوسٽ صحافتي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي جملن کي سياق و سباق کان هٽائي پيش ڪيو .