ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت طرفان ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جو رڪيل ڪم نومبر 2025 ۾ ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي ته گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي تعميراتي ڪم نومبر 2025 تائين ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ منصوبي کي 2026 تائين مڪمل ڪيو وڃي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ورڪس اينڊ سروس جو وزير علي حسن زرداري، ٻيا عملدار پڻ موجود هئا،وڏي وزير هدايت ڪئي ته هاڻي جڏهن ٻوڏ وارو موسم ختم ٿي ويو آهي ته سڀ ادارا بنا رڪاوٽ ڪم جاري رکن ۽ منصوبي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائن۔