ڪراچي اوڀر ( رپورٽ: آزاد نوناري) ڪراچي غازي ڳوٺ ۾ گهر ڊاهڻ خلاف مشينري آندي وئي، رهواسين جي سخت مزاحمت، ڌرڻو هنيو ويو، غازي ڳوٺ جي بلاڪ مان بلڊر طرفان گهر مسمار ڪري زبردستي روڊ ٺاهڻ خلاف خلاف غازي ڳوٺ جي رھواسين عورتن ٻارڙن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن اڳواڻن طرفان جمالي پل روڊ انارا گارڊن جي سامھون روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ غازي ڳوٺ جي بلاڪ چيئرمين محرم علي راڄپر، فرخ شاھ سرھندي، غلام شبير راڄپر، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، شبانا، صغريٰ، مجيب کھاوڙ ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بلڊر جون اسان ڳوٺاڻن سان زيادتيون ڏينھن وڌنديون پيون وڃن، انارا گارڊن سامھون غازي ڳوٺ جي بلاڪ جي پارڪ جي ٻـ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آھي جڏھن تـ ھاڻي زبردستي غازي ڳوٺ جي بلاڪ بلاڪ وچ آبادي مان بلڊر مبارڪ زبردستي روڊ ٺاھڻ چاھي ٿو جنھن سبب 100 کان وڌيڪ گھر متاثر ٿيندا، گھر ڊاھڻ لاءِ پوليس، اينٽي انڪروچمينٽ، روينيو جي وڏي نفري ۽ مشينري ساڻ آندي وئي آھي مگر اسان اھڙي زيادتي ظلم ڪڏھن بـ برداشت نـ ڪنداسين، هنن گهر ڪئي ته بلڊر مبارڪ ۽ پوليس جي زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.