سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو گڏيل اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي  صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي حيدرآباد سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين اعلانيل سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪاروڪاري ۽ عورتن تي ظلمن خلاف مارچ جي تيارين جو جائزو وٺي رٿابندي ڪئي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ عرب ملڪن ۽ ٻين ڪمپنين کي ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي جنهن جو نعرو هو اٽي لٽي ۽ اجهي جو تنهن بدترين مهانگائي ڪري پورهيت ۽ غريب مسڪين ماڻهن کان هڪ ويلي جي ماني جو حق به کسي ورتو آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته جنهن وقت سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جا فصل لهي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ته جنسن جا اگهه ڪيرائي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ پوليس ٿاڻا مظلومن کي تحفظ ڏيڻ بدران ٽارچر سيل بڻيل آهن. امن امان کي پوليس، ڌاڙيلن ۽ سردارن گڏجي تباهه ڪيو آهي، ميرپورخاص ۾ نياڻي پاڻ سان ٿيل زيادتي جو فرياد کڻي ٿاڻي تي وڃي ٿي ته کيس ايس ايڇ او جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي ٿو. سنڌ ۾ پوليس منشيات، ڀتاخوري، غيرقانوني هٿيارن جي وڪري، ڌاڙا هڻائڻ، اغوا، ڦرلٽ ۽ چورين سميت سمورن ڏوهن ۾ ملوث آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جو سرينڊر ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو ڊرامو آهي. ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي معاف ڪرڻ هٿ وٺي امن امان کي تباهه ڪرڻ آهي، ڌاڙيلن ۽ سندن سرپرستن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. جيڪو سنڌ حڪومت جو شرمناڪ عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.