اوٻاوڙو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ماڻهو قتل

اوٻاوڙو (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ) مريد شاخ ڀرسان ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ گھانگھرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي  ڳالھه تان جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو موقعي مارجي ويو، ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ گھانگھرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو جھيڙي دوران ٻنهي ڌرين ھڪ ٻي مٿان فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب عبدالمجيد گھانگھرو موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي ماڇڪو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال صادق آباد منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو ھوڏانھن مقتول جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ماڇڪو ٿاڻي جي ايس ايڇ او وقاص احمد ڀنڊر صحافين سان ڳالھائيندي چيو  ته گھانگھرا برادري جو پاڻ ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو  جنھن سبب ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آھي پوليس موقعي پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.