شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو وڪيل مٿان تشدد، ڇڪتاڻ، ٿاڻي ۾ ڌرڻو

ابراهيم حيدري (رپورٽ: اعجاز شيخ) ملير جي علائقي شاھ لطيف ٽائون ۾ صورتحال ان وقت خراب ٿي وئي جڏهن  شاھ لطيف  ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڪيلن وچ ۾ جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو، وڪيلن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او انهن جي ساٿي وڪيل جبار سھتو تي تشدد ڪيو جنهن خلاف وڏي انگ ۾ وڪيل ٿاڻي ٻاهران ۽ اندر گڏ ٿي ويا ۽ احتجاج ڪندي ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ذريعن موجب جهيڙو ان وقت شروع ٿيو جڏهن وڪيل جبار سھتو هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ ٿاڻي آيو جتي سندس ۽ ايس ايڇ او وچ ۾ منهن ماري  ٿي  جنهن بعد جهيڙو ٿي پيو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ضلعي جي مختلف ٿاڻن مان پوليس جون ڪيتريون موبائلون شاھ لطيف ٿاڻي تي پهچي ويون، جڏهن ته ٿاڻي جي اندر ۽ ٻاهران ڇڪتاڻ  واري صورتحال پيدا ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ وڪيلن ايس ايڇ او جي آفيس ۾ مبينا ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ٿاڻي جي احاطي ۾ سخت نعريبازي پڻ ڪئي، وڪيلن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او نه صرف تشدد ڪيو پر وڪيل جي توهين به ڪئي، جنهن بعد معاملو سنگين ٿي پيو، وڪيلن جو موقف آهي ته جيستائين ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو  جاري رهندو، هنن چيو ته پوليس جو اهڙو رويو برداشت لائق ناهي ۽ هو پنهنجي ساٿي سان ٿيل زيادتي خلاف قانوني ۽ پرامن جدوجهد جاري رکندا۔ خراب صورتحال سبب ايس پي ملير آصف آرائين واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ وڪيلن سان ڳالهيون ڪري صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ به ٿاڻي پهچي وڪيلن سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب پوليس آفيسرن ۽ بار جي عهديدارن وچ ۾ ڳالهيون جاري رهيون ته جيئن معاملو ڳالهين وسيلي حل ٿي سگهي، رات دير تائين وڪيلن جو ڌرڻو جاري رهيو، جڏهن ته ايس ايڇ او پنهنجي آفيس ۾ محدود رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.