ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڌيءَ جي آزادي لاءِ ٿاڻي تي آيل پنجاب واسڻ عاليابيگم کي ميرپورخاص جي مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ميرخادم ٽالپر پاران مبينا طور پنهنجي وحشت جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ عورت عاليا بيگم جي سول اسپتال ميرپورخاص ۾ ڪيل طبي چڪاس جو شروعاتي غيرحتمي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو، ذريعن موجب ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شادي شده عورت عاليا بيگم جي جسم مان ظاهري طور ڪنهن تشدد ۽ ڏاڍائي جا نشان نه مليا آهن، حتمي ميڊيڪل رپورٽ ڊي اين اي ۽ ٻين ٽيسٽن جون رپورٽون اچڻ بعد انهن ٽيسٽن جي آڌار تي جاري ڪئي ويندي، پوليس ذريعن موجب عورت سان ڏاڍائي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي اصل حقيقت ابتدائي رپورٽ ڊين اين اي سميت ٻين جزن جي رپورٽ اچڻ بعد طئه ٿيندي ان شروعاتي ۽ غيرحتمي رپورٽ جي آڌار تي ڪا ڪاروائي اڳتي وڌڻ جا امڪان گهٽ آهن، گرفتار ڪيل ايس ايڇ او سان گڏ موجود اي ايس آءِ فيصل مهر کي وومين ٿاڻي جي پوليس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري عدالت کي جوابدار کان پڇا ڳاڇا لاءِ رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت جوابدار کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، صحافين سان ڳالهائيندي جوابدار چيو ته منهنجي مٿان ڪيس ۾ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي مون کي ته اها به ناهي خبر هن ڪيس ۾ مون کي سازش تحت شامل ڪيو ويو آهي آئون پنهنجي بيگناهي پوليس ۽ عدالت اڳيان ضرور ثابت ڪندس، جڏهن ته پوليس ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر کي هٿ نه ڪري سگهي، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري چيو ته گرفتار جوابدار جو 3 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو آهي مک جوابدار ميرخادم ٽالپر جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.