ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي سان زيادتي، جوابدار گرفتار

ڪشمور (ڊ ر) ڪشمور ريلوي اسٽيشن ڀرسان پنج ورھين جي نينگري شھزادي نصيراڻي سان سندس سئوٽ جوابدار گلاب دين نصيراڻي جي جنسي زيادتي، وارثن متاثر نينگري کي بيھوشي واري حالت ۾ جوابدار کي بچائڻ خاطر اڻڄاتل هنڌ لڪائي ڇڏيو، ڪشمور پوليس جوابدار گلاب دين نصيراڻي ۽ نينگري جي والد امام الدين نصيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪندي نينگري سان جنسي زيادتي جي تصديق ڪري ڇڏي، ايس ايڇ او ڪشمور جو چوڻ آهي ته نينگري پوليس کي ھٿ نه اچي سگهي، مک جوابدار  ۽ نينگري جي والد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نينگري جي والد پنهنجي ڀائٽي جوابدار گلاب دين نصيراڻي کي بچائڻ لاءِ متاثر نينگري شھزادي نصيراڻي کي لڪائي ڇڏيو آهي جنهن بعد نينگري جي والد امام دين کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار مٿان ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ نينگري جلد ريڪور ڪرائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.