راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تي خارجي دهشت گردن جي دخل اندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ 25 ڀارتي حمايت يافتا دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ 4 آپگهاتي بمبار به شامل هئا. آءِ ايس پي آر موجب، 24 ۽ 25 آڪٽوبر تي ٻن وڏن دهشتگرد گروپن پاڪ-افغان سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، ضلعي ڪرم ۽ اتر وزيرستان جي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي ٻن گروهن جي شڪي حرڪتن کي نوٽ ڪيو ويو. خارجي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ۽ سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي کين نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب، اسپن وام اتر وزيرستان ۾ مارجي ويل 15 دهشتگردن ۾ 4 آپگهاتي بمبار به شامل هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪرم ضلعي جي علائقي ۾ وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 بهادر سپاهي شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ حوالدار منظور حسين، سپاهي نعمان الياس ڪياني، سپاهي محمد عديل، سپاهي شاهجهان ۽ سپاهي علي اصغر شامل آهن. آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن جي دخل اندازي جا واقعا اهڙي وقت ۾ ٿي رهيا آهن جڏهن پاڪستان ۽ افغانستان جا وفد ترڪي ۾ ڳالهين ۾ مصروف آهن. واقعا دهشتگردي جي حوالي سان عبوري افغان حڪومت جي ارادن بابت سنگين سوال اٿارين ٿا. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان بار بار مطالبو ڪيو آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي سرحدي نگراني کي اثرائتو بڻائي. افغانستان کي دوحا معاهدي تحت پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. افغانستان کي پنهنجي سرزمين کي خارجين پاران پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز پنهنجي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهن. اسان جي بهادر سپاهين جون قربانيون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. علائقي ۾ ڪنهن به ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم سان دهشتگردي جي خلاف مهم جاري رکندا. صدر ۽ وزيراعظم پاران سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي. وزيراعظم فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهادت ماڻيندڙ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت ڪئي آهي. هن چيو ته سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪرم ضلعي ۽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي دخل اندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ 5 بهادر سپاهين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.