پوليس طرفان عرفان جي موت جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پوليس جي حراست ۾ نوجوان عرفان جي موت واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس  طرفان ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي اي وي ايل سي امجد شيخ، جيڪو ايس آءِ يو  جي اضافي چارج سنڀالي رهيو آهي، هن چيو ته شفاف جاچ لاءِ ڪيس کي  ڏکڻ پوليس کان ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جوابدارن سميت مڪمل رڪارڊ سومر تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويندو،امجد شيخ چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پوليس پنهنجي اهلڪارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انصاف جا سمورا تقاضا پورا ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته عرفان تي تشدد ڪندڙ اي ايس آءِ عابد شاهه ۽ ڪانسٽيبل آصف علي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صدر ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ لاپرواهي ۽ غفلت سان موت جي دفعات شامل آهن، ڪيس جي متن موجب عرفان کي ٻين سان گڏ شڪي ڄاڻائي جاچ لاءِ آندو ويو، جتي جاچ دوران سندس طبيعت بگڙي وئي، پر عملدارن لاپرواهي ڪئي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ عرفان مٿان تشدد جي تصديق ٿي آهي، رپورٽ موجب لاش 36 ڪلاڪ پراڻو هو، ٻه ڏينهن اڳ ڏينهن عرفان جي وارثن جي  فرياد تي ڪيس داخل نه ٿيڻ تي وارثن سهراب ھوٺ ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ جا ٻئي ٽريڪ بند ڪري ڇڏيا هئا، ٻئي پاسي پوليس اهلڪارن جي تشدد ۾ عرفان جي موت تي سنڌ جي گهرو وزير طرفان جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جواعلان ڪيوويو آهي، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (SIU) جي مبينا حراست دوران تشدد سبب فوت ٿيل نوجوان عرفانجي موت جي جاچ لاءِ  گڏيل جاچ ٽيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، صوبائي گهرو وزير نوجوان جي موت جي جاچ تي عدالتي جاچ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته واقعي ۾ ملوث سمورن ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ضيا لنجار ٻڌايو ته واقعي بابت مڪمل فارنزج جاچ ۽ تحقيقات اڃا جاري آهي ۽ کاتي طرفان اندرين سطح تي به جاچ ڪئي پئي وڃي، صوبائي گهرو وزير گهرو سيڪريٽري سنڌ کي نوجوان عرفان جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾عرفان مٿان تشدد جا نشان ظاهر

ڪراچي:ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پوليس جي حراست ۾ فوت ٿيل نوجوان عرفان جي لاش بابت پوسٽ مارٽم دوران ڏک ڀريا انڪشاف سامهون آيا اچي ويا، پوليس ذريعن موجب پوسٽ مارٽم وقت عرفان جي لاش ي 36 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذري چڪو هو، عرفان کي پوليس 22 آڪٽوبر اربع ڏينهن حراست ۾ ورتو هو ۽ ساڳئي ڏينهن هو فوت ٿي ويو هو، ذريعن موجب شام 7 وڳي لاش جناح اسپتال آندو ويو، جتي ايم ايل او پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد اهلڪار لاش واپس کڻي ويا، جڏهن ته خميس تي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جمعي جي صبح مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ميڊيڪل بورڊ پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو، رپورٽ موجب، عرفان جي جسم تي تشدد جا ست وڏا نشان موجود هئا، سندس مٿي، چهري، چيلهه ۽ نازڪ عضون تي به زخم هئا، بهر الحال  موت جي حتمي سبب جو تعين ڪيميائي جاچ رپورٽ بعد ممڪن ٿيندو، ياد رهي ته پوليس جي حراست ۾ فوت ٿيل نوجوان عرفان جي موت کان پوءِ 3 اي ايس آءِ سميت 7 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.

عرفان جو ساهه نڪري ويو، پوليس وارن لاش کي لٺيون هنيون:چاچو

ڪراچي: عرفان جو ساهه نڪري ويو، تڏهن به پوليس وارن لاش تي لٺيون هنيون، پوليس حراست ۾ نوجوان جي قتل جا نوان انڪشاف  ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ پوليس حراست ۾ نوجوان جي موت بابت ڏکائيندڙ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن، ٻه ڏينهن اڳ عرفان جي موت خلاف تابوت کڻي  احتجاج ڪيو ويو هو، ان موقعي تي مقتول جي چاچي روئي ڏنو  ۽ ڏکائيندڙ ڳالهيون ٻڌايون، مقتول جي چاچي اظهر ضياءُ محمد چيو ته پوليس اهلڪارن عرفان کي انسان نه پر جانور سمجهي ماريو، نوجوان جو ساهه نڪري ويو، پوءِ به لاش تي لٺيون هڻندا رهيا، عرفان جي ساٿي به تصديق ڪئي ته پوليس سندس اڳيان ئي عرفان کي بدترين تشدد ڪري قتل ڪيو، پوليس ترجمان موجب واقعي جي شفاف جاچ جاري آهي ۽ ڪنهن اهلڪار کي رعيت نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.