سير ڪريڪ وٽ ڀارت جون جنگي مشقون، پاڪستان پاران فضائي حدن تي بندش

نئين دهلي/اسلام آباد(م ڊ) ڀارت طرفان سير ڪريڪ لڳ ڀڳ وڏي گڏيل جنگي مشق "ترشول” جي اعلان کان پوءِ پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪندي پنهنجي فضائي حدن جي ڪجهه حصن تي 28 ۽ 29 آڪٽوبر لاءِ عارضي پابنديون عائد ڪري ڇڏيون آهن. هن اڳڀرائي سان ٻنهي ملڪن ۾ فوجي ڇڪتاڻ ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي. ڀارتي وزارت دفاع موجب، "ترشول” مشق 30 آڪٽوبر کان 10 نومبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ بري، بحري ۽ فضائي، ٽنهي فوجن جا دستا گڏجي حصو وٺندا. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي تياري، خود انحصاري ۽ ٽيڪنيڪي هم آهنگي کي جاچڻ آهي.هي مشق سير ڪريڪ، سنڌ جي ساحلي علائقن کان لڳ ڀڳ 96 ڪلوميٽر ڊگھي سامونڊي ۽ زميني پٽي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي، جيڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اهم رستن جي ويجهو آهي. بين الاقوامي دفاعي ماهرن مطابق، ڀارت هن مشق لاءِ پنهنجي فضائي حدن کي 28 هزار فٽ تائين مخصوص ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن عام مشق لاءِ غير معمولي حد سمجهي وڃي ٿي.رپورٽن مطابق، 20 هزار کان وڌيڪ اهلڪار، جديد ٽينڪ، توپون، مسلح هيلي ڪاپٽر، ڊرون سسٽم، ۽ رَفال ۽ سوخوئي-30 جهازن جو هن مشق ۾ حصو هوندو.  تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته "ترشول” ڀارت جي ان ڪوشش جو تسلسل آهي جنهن ذريعي اهو مئي ۾ ناڪام ٿيندڙ "آپريشن سندور” جا اثر ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ان آپريشن ۾ ڀارت دعويٰ ڪئي هئي ته انڊيا پاڪستان ۾ مبينه دهشتگردن جي پناهه گاهن کي نشانو بڻايو، پر ان جا نتيجا تڪراري رهيا.سلام آباد ڀارتي جنگي مشقن کي  چڙ ڏياريندڙ قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته سيرڪريڪ جي ويجهو ڀارتي سرگرميون علائقي جي امن لاءِ خطرو آهن.وزارت دفاع جي ذريعن موجب، پاڪستان جي بري، بحري ۽ فضائي فوجن کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي ۽ ساحلي نگراني ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته پنهنجي خودمختياري ۽ سامونڊي سرحدن جي هر انچ جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي. پاڪستان بحريہ جون صلاحيتون اسانجي ناقابلِ پهچ قوم جيان مضبوط آهن. سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چيو کارين واري علائقي جي اڳين مورچن جو دورو ڪيو جتي هن پاڪستان ميرينز جي آپريشنل تياريون ۽ جنگي صلاحيتن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي پاڪستان ميرينز ۾ ٽي جديد ترين 2400 ٽي ڊي هوور ڪرافٽ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڪستان بحريہ جي جديديت طرف هڪ اهم قدم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.