ڪراچي (رپورٽر) لياري ندي ۾ 5 ورهين جو ٻار ٻڏي فوت ٿي ويو، لاش جي ڳولا جاري رکي وئي، ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ مڇر ڪالوني جي ڀرسان لياري ندي ۾ 5 ورهين جو نينگر ٻڏي ويو، ريسڪيو ذريعن موجب ٻارجي ٻڏڻ جو واقعو ڇنڇر جي شام جو پيش آيو، جتي 5 ورهين جو مزمل ندي جي ڪپر تي کيڏي رهيو هو ته اوچتو ندي ۾ ڪري پيو ۽ لاپتا ٿي ويو، ريسڪيو 1122 موجب اطلاع ملڻ بعد ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، پر اوندهه وڌڻ سبب ڪارروائي روڪي وئي، ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو تیز هجڻ ڪري بچاءُ جي ڪارروائين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب سهراب ڳوٺ واري حصي مان گذريل ڪجهه مهينن دوران 7 کان 8 لاش مليا آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي ايوب ڳوٺ کان سهراب ڳوٺ مڇر ڪالوني تائين ندي جي ڪپرن تي غير قانوني گهر ٺهيل آهن، جن سبب علائقي واسين خاص طور ٻارن جون زندگيون خطري ۾ آهن پر شڪايتن باوجود سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا ڪو به قدم نه کنيو آهي.