وزيراعظم اڄ سعودي عرب روانو ٿيندو، سيڙپڪاري بابت اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شہباز شريف سعودي ولي عهد جي دعوت تي اڄ 3 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿيندو. ان حوالي سان پرڏيهي  ترجمان ٻڌايو ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم رياض وڃڻ وارا آهن، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا سينئر ميمبر پڻ وزيراعظم سان گ هوندا. وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيوٽو جي نئين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالھ ٻولھ ڪندا. وزيراعظم ٻين عالمي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي تنظيموں جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندا، ان دوران علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي، ۽ پاڪستان جي سيڙپڪاري جا موقعا ۽ پائيدار ترقي جي ويزن کي اجاگر ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.