لمس ۾ خودڪشي ڄاڻايل شاگرد جو قتل ڪيس داخل

ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو/ صدر الدين جوڻيجو) لمس ڄامشورو شاگردن لاءِ غير محفوظ بڻجي وئي، خودڪشي ڄاڻايل  شاگرد جي والد يونيورسٽي انتظاميه تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي اڻڄاتل جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب هفتو اڳ مبينا طور خودڪشي ڄاڻايل لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي فورٿ ايئر ۾ پڙهندڙ شاگرد محمد عبدالله جي والد حاجي محمد سومرو بي سيڪشن ٿاڻي ڄامشورو پهچي پنهنجي پٽ عبدالله کي اڻڄاتل جوابدار پاران پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس گناھ نمبر  339/2025 تحت  جوابدار خلاف داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته واقعي کان هڪ ڏينهن پٽ عبدالله سومرو فون ڪري آگاھ ڪيو هو ته ڪجھه شاگرد مون کي هراسان ڪري رهيا آهن، پٽ جون آخري رسمون ادا ڪري ڪيس داخل ڪرايو آهي ته لمس ۾ قتل ٿيل پٽ جي واقعي بابت جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڄامشورو ڦاٽڪ جي چوڪي انچارج سلطان ابڙو ڄاڻايو ته ايس ايڇ او ڪنهن ڪم سان ويل هجڻ ڪري منهنجي موجودگي ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ياد رهي ته هفتو اڳ 19 آڪٽوبر تي لمس جي نيو پي جي هاسٽل ۾ رهندڙ ذهين شاگرد عبدالله سومرو جو السينا هاسٽل مان گولي لڳل لاش هٿ آيو، جنهن واقعي کي لمس انتظاميه خودڪشي قرار ڏنو هو جنهن کي شاگرد جي والد رد ڪندي ۽ لمس انتظاميه تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو،جڏهن ته عوامي آواز طرفان واقعي بابت لمس جي وي  سي سان رابطو ڪيو ويو ان  موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.