ڪراچي (رپورٽر ) مٽياري ۾ عدالتي عمارتن جي ناقص تعمير تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نوٽيس، انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مٽياري ضلعي ۾ عدالتي عمارتن جي ناقص تعمير جو نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس طرفان جاري حڪم ۾ چيو ويو ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان حوالي سان ايڪسز ٽو جسٽس منصوبي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سهيل احمد مشوري طرفان وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين کي خط لکي موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي مٽياري ۾ تازو تعمير ٿيل 8 ڪورٽس ۽ ٻه بنگلا ناقص تعمير جا شڪار آهن، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمارتون مڪمل ٿيڻ جي ڪجهه وقت بعد ئي خراب ٿيڻ لڳيون، جنهن سبب سرڪاري فنڊز ضايع ٿي ويا آهن، چيف جسٽس جي هدايت تي انسپيڪشن ٽيم کي چيو ويو آهي ته تعميراتي ڪم، مالي بي ضابطگين ۽ ذميوارن جو تعين ڪري 7 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي.