وڏي وزير جي صلاحڪار الله ڏنو ڀيو جي بريت خلاف اپيل رد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ اڳوڻي ايم پي اي الله ڏنو خان ​​ڀيو جي بريت خلاف نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي، نيب وڏي وزير جي صلاحڪار الله ڏنو ڀيو جي بريت کي چئلينج  ڪيو هو، عدالت چيو ته نيب عملدار احتساب عدالت جي فيصلي ۾ قانون نقطن جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيا آهن، نيب پراسيڪيوٽر پاران نشاندهي ڪيل پيرگراف ۾ صرف نمبر جي غلطي آهي، متن ۾ قانوني يا ثبوتن جي تشريح جي ڪا به غلطي نه آهي، نيب پراسيڪيوٽر جو اصرار آهي ته احتساب عدالت جو فيصلو غلط آهي ۽ جوابدار کي بري نه ڪرڻ گهرجي ها، عدالت چيو ته عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي خواهش جو احترام ڪري ٿي، عدالت کي سپريم ڪورٽ جي واضح ڪيل گائيڊ لائنز موجب اپيل تي فيصلو ڪرڻ هوندو آهي، عدالت کي احتساب عدالت جي فيصلي ۾ ڪو به قانوني نقص نظر ناهي آيو، احتساب عدالت جي فيصلي ۾ مداخلت يا ترميم جي ڪو به سبب ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.