حڪمران معدنيات وڪڻڻ بدران نوجوانن تي سيڙپ ڪاري ڪن:حافظ نعيم

گجرات(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ نومبر ۾ هڪ گڏيل جدوجهد شروع ڪئي ويندي. مان نوجوانن کي ملڪ جي محفوظ مستقبل لاءِ  عظيم جدوجهد ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏيان ٿو. حڪمرانن کي امداد گهرڻ ۽ معدنيات وڪڻڻ بدران نوجوانن تي  سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن گجرات ۾ بنو قابل جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  نوجوان ملڪ کان مايوس ٿي رهيا آهن، تعليم ۽ روزگار جا دروازا انهن لاءِ بند آهن، ٽي ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن، ۽ انهن مان صرف ٻارهن سيڪڙو پرائمري تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.