پگهاردار طبقو ٽيڪس ڀري ڀري خريداري سگهه وڃائي ويٺو

دبئي(ڪامران خان) پاڪستان ۾ پگهاردار طبقو ٽيڪس جو سڀ کان وڏو بار کڻي رهيو آهي، جڏهن ته ڪاروباري طبقو اڃا تائين ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهي. گذريل 4 سالن ۾ پگهاردار ماڻهن تي ٽيڪس جو بار ٽيڻو وڌي ويو آهي، ۽ هن سال جولاءِ کان سيپٽمبر تائين رڳو هن طبقي طرفان قومي خزاني ۾ 130 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪرايو ويو، جيڪو ملڪ جي  سڀني هول سيلرن، ريٽيلرن، ايڪسپورٽرن ۽ ريئل اسٽيٽ شعبي جي گڏيل ادائيگي جي برابر آهي. تجزين موجب سيلريڊ ڪلاس کان هن مالي سال دوران 700 ارب رپين تائين آمدني ٽيڪس اوڳاڙڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته انهن تي وڌ ۾ وڌ ٽيڪس ريٽ 38 سيڪڙو تائين لاڳو آهي، جنهن سبب سندن خريداريءَ جي سگهه مسلسل گهٽجي رهي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران رڳو پراڻن فائلرن تي ڀاڙيندي رهي آهي، ۽ حقيقت ۾ نوان ٽيڪس ڏيندڙ نظام ۾ شامل ناهن ٿيا. اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو وڌڻ ايف بي آر جي ڪارڪردگي نه پر سيلريڊ ڪلاس جي خاموش قرباني جو نتيجو آهي، ڇو ته حڪومت نان فائلرن ۽ وڏن ڪاروبارن بدران انهن تي ئي ٽيڪس جي مڏي ڪاتي گهمائي رهي آهي، جيڪي اڳ ئي باقاعدي ٽيڪس ڏين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.