حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينا بلوچ جي 20ھين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ۽ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڊاڪٽر مجدد قريشي، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، بابو ميمڻ،معشوق چانڊيو، آزاد ميرواهي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،نصرت خاصخيلي امير زاھدي برھماڻي، فضا ملاح، صبا سمون، رخسانه بھلڪاڻي سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ ڀرسان مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي جيجي زرينا بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران قاسم آباد جي علائقي لنڊن ٽائون ڀرسان جيجي زرينا بلوچ جي ويھين ورسي ملھائي وئي ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته امان زرينا بلوچ سراپا قرباني، سراپا درد، سراپا احتجاج ھئي. ھن پنھنجي حياتي، پنھنجو وقت، پنھنجو گھر، پنھنجو فن، پنھنجو ادب، پنھنجو اولاد، پنھنجا پئسا، پنھنجا ڪتاب، پنھنجا گيت، سڀ قوم کي ارپي ڇڏيا، اياز لطيف پليجي چيو ته ڪالاباغ ڊيم، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، دھشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف جدوجھد ۾ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي، سنڌ ۾ عورت انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آھي، حڪومت نياڻين جي تعليم لاءِ ڪجھ ناھي ڪيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته جيجي زرينا بلوچ پنهنجي گيتن وسيلي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو، قومي ڪاز ۾ ھُوءَ ھميشه اڳڀري رهي.
جيجي زرينا بلوچ کي 20 هين ورسي تي ڀيٽا پيش

حيدرآباد (پ ر) قومي ۽ طبقاتي تحريڪن جي بي مثال ڪردار، عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي شريڪ حيات، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي گيتن وسيلي جدوجهد جي علامت جيجي زرينا بلوچ جي 20هين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قاسم آباد ۾ سندس آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ قومي گيت پيش ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، ڊاڪٽر ماروي مڱڻهار، سڀاني ڏاهري، آمنه ڪيڙانو، نور نبي پليجو، ڊاڪٽر اسلم پرويز، شهناز پليجو، ڪائنات ڏاهري، سليم ٻڌ، نور جهان ڪاتيار، دائود ڏاهري، فاضل کوسو، شيخ جمال ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا، جن جيجي زرينا بلوچ جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جيجي زرينا بلوچ مظلوم طبقن، پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جو سگهارو آواز هئي، جنهن پنهنجي آواز ۽ جدوجهد سان سنڌي سماج ۾ شعور پيدا ڪيو. اڳواڻن چيو ته جيجي زرينا بلوچ قومي فنڪار، اديب، استاد، اڳواڻ ۽ ڪارڪن هئي، جيڪا گهڻ طرفي شخصيت جي مالڪ هئي.