ميرپورخاص ۾ ٿاڻي تي دانهن کڻي ويل عورت سان ايس ايڇ او جي زيادتي، معطل، ڪيس داخل

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ميرخادم ٽالپر پاران ٿاڻي تي ايندڙ عورت عاليا بيگم کي پنهنجي حوس جو نشانو بنائڻ وارو واقعو هاءِ پروفائيل ڪيس بڻجي ويو، ڊيوٽي  پوليس آفيسر پاران فرياد کڻي ايندڙ عورت کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائڻ وارين خبرن جو سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه سخت نوٽيس ورتو، ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صوبائي گھرو وزير ضياءُ حسين لنجار کي فوري طور معاملي جي جاچ ڪري عورت کي انصاف جي يقيني فراهمي واري هدايتن تي گھرو وزير ضياءُ لنجار آءِ جي سنڌ کي معاملي جي مڪمل جاچ رپورٽ ۽ عورت کي انصاف جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جون هدايتون جاري ڪرڻ بعد عورت عليا بيگم جي فرياد تي مهراڻ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر خلاف وومين ٿاڻي داخل ڪيو ويو ، ڪيس ۾ فريادڻ ڄاڻايو آهي ته مان پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان جي رهواسڻ آهيان منهنجي شادي ميرپورخاص جي رهواسي رمضان کوکر سان ٿي هئي جنهن مان مون کي ٻه ٻار آهن مڙس کان طلاق وٺڻ بعد مڙس منهنجي ڌيءَ عليشا کي پاڻ وٺي رکي ڇڏي هئي جنهن جي بازيابي عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ۽ ان جي بازيابي لاءِ مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او چيو ته پنهنجو فون نمبر ڏيو ان حوالي سان ضرورت پوڻ تي اوهان سان رابطو ڪري سگھان جنهن جي ڪجھه ڏينهن بعد ايس ايڇ ٿاڻي تي گھرايو ته آءُ پنهنجي مامي جاويد سان گڏ ٿاڻي تي ويس جتي ايس ايڇ او خادم ٽالپر منهنجي مامي کي ٿاڻي تي ويهڻ جو چيو ۽ مون کي چيو اوهان جي ڌيءَ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، اوهين به گڏ هليو جنهن بعد مون کي پنهنجي گاڏي ۾ گڏ وٺي ويو ۽ هڪ گھر ۾ اندر وٺي وڃڻ بعد مون سان ڌاڍائي ڪئي ۽ ڌاڍائي ڪرڻ بعد واپس ٿاڻي ڏانهن اچڻ دوران هن چيو ته جيڪڏهن مامي يا ٻي ڪنهن کي ٻڌايو ته نه تنهنجي ڌيءَ کي بازياب نه ڪرائيندس، توکي تنهنجي ڌيءَ ڪڏهن به نه ملندي ۽ مون کي ڪجھه به نه ٿيندو جنهن بعد اسين گھر آياسين ته مامي جاويد ڌيءَ عليشا جي بازياب لاءِ پڇيو ته مون ساڻس سڄي حقيقت ڪئي جنهن بعد اها شڪايت اسان ڊي آءِ جي کي روبرو وڃي ڏني جنهن تي ڊي آءِ جي اسان کي انصاف جي فراهمي جي خاطري ڪرائي,  پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني، ايس ايس پي ميرپورخاص جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ چيو ويو ته عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد فوري طور ڪارروائي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل نامعلوم همراھ کي پوليس سڃاڻ ڪرائي وئي جنهن بعد واقعي وقت موجود پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر فيصل مهر کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته  اڳوڻي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهن کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو، ايس ايس پي وڌيڪ چيو آهي ته پوليس فورس ۾ ڪنهن به قسم جي غيراخلاقي حرڪت، رويي ۽ ڪنهن سان زيادتي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ڪيس جا جاچ شفاف نموني سان ڪري ملوث جوابدرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

ڌيءَ جي آزادي ۾ رنڊڪ سبب خاموش رهيس: متاثر عورت

ميرپورخاص: وحشي صفت ايس ايڇ او جي حوس جو نشانو بڻيل عورت عاليا بيگم ڪيس داخل ٿيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او جا مون وٽ موبائيل تي ميسيج موجود آهن جيڪي هن مون کي ڪيا هئا، مان اڻ پڙهيل آهيان جڏهن گھر وارن کي ميسيج ڏيکاريا ته  هنن ٻڌايو ته ايس ايڇ او جا ارادا خراب نظر اچن ٿا هن ايس ايڇ جي نمبر تان کيس ڪيل ميسيج ڏيکاريا جنهن ۾ لکيل هو ته تون ڏاڍي سهڻي آهين منهن تان نقاب لاهي پنهنجو منهن ته ڏيکار، ٻي ميسيج لکيل هو ته هاڻ منهن تان نقاب لاهي جاني، اڄ رات جو ملندين، اهڙا ٻيا به کوڙ ميسيج آهن جنهن جي جواب ۾ مون صرف کيس هاءِ لکيو هو، هن چيو ته مون کي ڊپ هو ته ڪٿي هو مون کي منهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ رنڊڪون نه وجھي ۽ ڌيءَ بازياب نه ڪرائي ان ڪري خاموش رهيس ايس ايڇ او پاران زيادتي جو نشانون بنائڻ بعد هن مون کان معافي گھري پر مون کيس چيو ته پنهنجي غلطي جو اعتراف ڊي آءِ جي اڳيان ڪر ۽ منهنجي ڌي کي بازياب ڪرائي ڏي ته پوءِ توکي معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪندس پر هن ڊي آءِ جي اڳيان اعتراف نه ڪيو ۽ الزام کي ڪوڙو چيو هن چيو ته مون کي ڌيءَ بازياب نه ڪرائي ڏيڻ جا ڊپ ڏئي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائيندڙ ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر کي گرفتار ۽ منهنجي ڌيءَ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جوابدار ايس ايڇ او جي گرفتاري لاءِ ڇاپو، پوليس کي ناڪامي

ميرپورخاص: مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران ڌيءَ جي آزادي لاءِ فرياد کڻي ايندڙ عورت کي پنهنجي حوس جو نشابون بنائڻ وارو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ايس ايڇ کي  گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گھر تي ڇاپو هنيو ويو پر جوابدار هٿ نه اچي سگھيو آهي، شهر ۾ چو ٻول عام آهن ته پوليس پاران ڪيس داخل ٿيڻ جي تياري جي اڳواٽ اطلاع ملڻ تي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او ڪيس  داخل ٿيڻ کان اڳ ميرپورخاص مان فرار ٿي ويو هو، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد بااثر ايس ايڇ او کي بچائڻ لاءِ بااثر ڌريون سرگرم ٿي ويون آهن ۽ عورت کي بليڪ ميلر ۽ فحش ڪمن ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳائي متاثر عورت کي بدنام ڪري داخل ٿيل ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽون وائرل ڪيون پيون وڃن.

شهر جي سياسي سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن پاران واقعي جي مذمت

ميرپورخاص: شهر جي سياسي سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن پاران واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي ميرپورخاص جي علماءُ ايڪشن ڪاميٽي ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا حفيظ الرحمٰن فيض بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او  خلاف اڳ به عوامي شڪايتون موجود آهن ته هو انصاف پسند پوليس آفيسر هجڻ بدران عوام سان ناانصافي ۽ ظلم جو بازار گرم ڪري رکيو آهي، هن چيو ته فرياد کڻي ايندڙ عورت کي پنهنجي حوس جو نشانون بڻائيندڙ بدنام پوليس آفيسر خلاف سخت ڪاروائي ڪري کيس عبرت جو نشانون بڻايو وڃي ته جيئن آئنده ڪو به پوليس آفيسر فرياد کڻي ايندڙ عورت کي پنهنجي حوس جو نشانو نه بڻائي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.