ملڪي معاشي استحڪام آءِ ايم ايف جي وينٽيليٽر تي آهي: معاشي ماهر

اسلام آباد (امتياز گل)  معاشي ماهر ڊاڪٽر محمد زبير احمد چيو آهي ته پاڪستان جو معاشي ماڊل پنهنجي مدو مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هن مان ترقي، روزگار يا ٽيڪس آمدني حاصل ٿيڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته ملڪ جو معاشي ڍانچو 30 کان 40 سال اڳ ئي پراڻو ٿي  چڪو آهي، تنهنڪري هاڻي بنيادي ۽ انقلابي معاشي ڍانچي جي ضرورت آهي، جيڪو ڊگهي مدي واري سوچ ۽ واضح حڪمت عملي سان تيار ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر زبير مطابق حڪومت جي معاشي استحڪام جي دعويٰ ظاهري طور درست لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ معيشت آءِ ايم ايف جي وينٽيليٽر تي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ خريداري جي سگهه گهٽجڻ، غربت ۾ واڌ ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري نه اچڻ معاشي بحران جا وڏا سبب آهن. هن وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي به ٽيڪنالاجي، خاص طور تي آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ روبوٽڪس، روزگار جي مارڪيٽ کي تبديل ڪري رهي آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ امڪاني تڪرار عالمي معاشي خطرن کي وڌائي سگهي ٿو. ڊاڪٽر زبير جو چوڻ هو ته پاڪستان کي پنهنجي دماغ جو استعمال، ڊگهي مدي واري پاليسي، علائقائي امن ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻائڻو پوندو، ڇو ته بغير سياسي جواز واري حڪومت عوام جو اعتماد حاصل نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ڏکين معاشي حالتن مان ملڪ کي ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.