سنڌي ٻولي اسان جي خطي جي شاھوڪار ۽ قديمي ٻولين ۾ شمار ٿيئي ٿي ـ ھن ٻولي جي بقا ھن جي ڳالھائيندڙن جي بقا ۽ سلامتي سان مشروط آھي ـ سنڌي وشال ٻولي ھجڻ ڪارڻ پڻ اڄ تائين قائم دائم آھي ـ جيتوڻڪ ھن ٻولي بابت ڪجهه خيال آھن ته ھن کي جديد دور ۾ ڪي خطرا لاحق آھن ۔ جنھن ۾ اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي بيحسي ۽ سنڌي قوم جي سستي شامل حال رھندي آئي آھي ـ سنڌي ٻولي جو ادب اڄ به اسان جي ملڪ جي مختلف ٻولين مان پهرين نمبر ادب جي حيثيت رکندڙ ادب آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو ڪيترن ئي رڪاوٽن ھجڻ باوجود سنڌي ادب جي سڃاڻپ اڄ به منفرد ۽ يگانگي واري آھي ـ اسان جي ٻولي جا اديب معياري ادب تخليق ڪن پيا ۽ ساڻن پيش ايندڙ مشڪلاتن جا انبار لڳل آھي ـ حڪمران ٽولا سھولت ڏيڻ بجاءِ وک وک تي رڪاوٽون ۽ پنجوڙ وجھندا رھن ٿا ـ
انھيءَ حالتن ۾ ترقي پسند ۽ عوام دوست ادب تخليق ڪندڙ اديب ڪھاڻيڪار نثر نگار ۽ دانشور ڊاڪٽر نجم عباسي ھن ڌرتي تي 18 آڪٽوبر 1927 ۾ خانواهڻ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. ھن 1953 ايم بي بي ايس پاس ڪيائين، پنھنجي سرڪاري نوڪري دوران ھو سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿي رھيو ـ سٺي ۽ عوام دوست ساک رکڻ ڪارڻ کيس سنڌ جي مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ بار بار بدلي ڪيو ويو ـ آخر ڪار ھن سنڌ جي ٻين نمبر شھر حيدرآباد ۾ اچي پنھنجي خانگي ڪلينڪ شروع ڪيائين ـ جيڪا حيدر آباد جي مشھور حيدر چوڪ وٽ عبرت پريس واري گھٽي ۾ ھئي ـ
1988ع ۾ لساني فسادن ڪري سندس ڪلينڪ بند ٿي وئي. ڊاڪٽر نجم عباسي 1944ع کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين لکندو رهيو ، ھن جي پھرين ڪھاڻي 1946ع ۾ ٽماھي مھراڻ ۾ شايع ٿي ـ جنھن جو نالو ھو کنڊ جي چوري، سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو طوفان جي تمنا 1969 ۾ شايع ٿيو ،جنھن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌيالاجي ڊپارٽمينٽ پاران انعام مليا، نجم عباسي جي مشھور ڪھاڻين ۾ تحفو، ڇُوڏو، پٿر تي ليڪو ، طوفان جي تمنا ،دعا ، تاڙيون، نه گھر جو نه گھاٽ جو ، شيشي ڀڳل دليون ڳنڍجي ويون ، ٻه خبرون، ڄار ۽ لطيفيات شاھڪار ڪھاڻيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو. طوفان جي تمنا ، پٿر تي ليڪو ، جيڪي منھنجي من ۾، ناچڻي، ايڏو سور سھي، سورج ھوندي مرجھايل، للڪار، پيار ڪھاڻي، بلنديون، داررون ھن ديواني جو ، ڪھاڻي جو قافلو ، گانڌي، تلاش، ڳاڙهو لالٽين، جي ماريا نه موت ، اڪيلا نه آھيون ، پاڻ ۾ ويٺا آهيون ، منھنجون بھترين ڪھاڻيون ۽ ٻيا شامل آهن، جن جو ڳاڻيٽو ٽيھارو کن آھي، ڪجهه تنقيد نگارن جو خيال آھي ته نجم عباسي جا ناول ڪھاڻين کان به وڌيڪ شاھڪار آھن ۔ جن موضوعن تي ھن اھي ناول لکيا ـ انھن موضوعن تي اڳ ۾ ناول نه لکيا ويا ۽ انھن ناول ۾ ھن جي ٻولي سادي، وقت ۽ حالتن جي اعتبار سان ٺھڪندڙ آھي ـ ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ ڀرپور منظر نگاري ۽ بنيادي انساني مسيئلن تي ڌيان ڏيڻ وارا سبق موجود آھن ـ ڊاڪٽر نجم عباسي بيشڪ سنڌي ٻولي جو برک ۽ چمڪندڙ ليکڪ آھي ـ جنھن پنھنجي قومي ۽ انساني ذميوارين کي محسوس ڪندي پاڻ پتوڙيو ـ ھن جو لاڳاپو سنڌ جي قومپرست ڌر سان رھيو ـ ھو سائين جي ايم سيد سان محبت ڪندڙ ۽ کيس سنڌ جو رھبر سمجھندو ھو ـ جنھن جو اظھار ھن پنھنجي ڪجهه سياسي مضمونن ۾ پڻ ڪيو آھي ـ
ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ ٿيندڙ لساني فسادن تي ھڪ ڊائري نما ڪتاب پڻ لکيو جيڪو ڪافي مشھور ٿيو ـ انھيءَ فسادن سندس دل ۽ ذھن تي واضح اثر ڪيو ۽ ان جو شڪار ٿيڻ سبب سندس ڪٽنب پڻ ھتان لڏي ويو ـ ھن پنھنجي سموري حياتي ھڪ ارڏي ۽ بيباڪ اديب طور گذاري ـ پنھنجي ڪلنيڪ تي قومپرست ڪارڪنن ۽ غريب مريضن جو علاج ڪندو رھيو ـ بلڪه جيڪي ڪارڪن بيروزگار ھوندا ھيا ـ انھن جي کاڌي پيتي جو خيال رکڻ سان گڏوگڏ کين واپس وڃڻ جو ڪرايو پڻ ڏيندو ھو ـ خوني فسادن ۾ به ڪيترو ئي وقت ڪلينڪ ھلايندو رھيو پر پنھنجي گھر تي حملي بعد ھو ٽٽي ويو ھو ۔
ڊاڪٽر نجم عباسي معروف ليکڪ ھيو، ھن ملڪ ٺھڻ کان اڳ ئي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون يعني ھو سنڌي جي بنيادي ڪھاڻيڪارن ۾ شامل آهي ۽ نوي واري ڏهاڪي تائين مسلسل لکندو رهيو، ڊاڪٽر نجم عباسي ھر موضوع تي لکيو، ترقي پسند وطن دوست ۽ عوام دوست موضوعن تي لکيو ـ ھن جي ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا ڪردار ھن معاشري ۽ ھن ڌرتي جا اصلوڪا ڪردار ھيا ـ ھن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي انتھا عشق ۽ پيار ھو، ھن ڪھاڻيءَ سان گڏ ناول به لکيا جيڪي ڪافي مشھور ٿيا ـ ان کان سواءِ ڪافي پرڏيھي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا، سياسي مضمون به لکيا ۽ شاعري به ڪيئي ـ سندس شاعري مختصر رھي ۽ شاعري تي گھٽ توجهھ سبب ھن ڪھاڻيون ۽ ناول لکيا ۽ انھن جي ڪري ئي نثر نگار طور مشھور ٿيو ـ
نجم عباسي جون اڪثر ڪھاڻيون مڪالماتي آھن، ھن مختلف واقعن تي ڪافي لکيو، سندس لکڻين جا خاص موضوع سنڌ جا سماجي مسئلا ھئا، ھن وٽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جا مسئلا اھميت جوڳا رھيا ـ وطن پرستي جا ڪردار ھن جي ڪھاڻين ۾ واضح نظر اچن ٿا ـ ان ڪري سندس لکڻين ۾ سنڌين جي حب ۽ سنڌ جي ماحول جو ان جو واضح اڀار ملي ٿو ـ ڊاڪٽر نجم عباسي 25 آڪٽوبر 1995 تي وفات ڪئي. سندس قبر اباڻي شھر خانواهڻ ۾ آھي.