گلشن حديد ۾ پاڻي جي کوٽ آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟

گلشن حديد ۾ پاڻي جي کوٽ سبب اتان جا رهواسي روز صبح کان شام تائين ٽينڪر جي انتظار ۾ بيٺا هوندا آهن. عورتون ۽ ٻار پاڻيءَ لاءِ رستن تي قطارون لڳائيندا آهن، پر باوجود ان جي، کين صاف پاڻيءَ جي هڪ بالٽي به کين ميسر نٿي ٿئي. ٽينڪر مافيا پنهنجي من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ڪڏهن هڪ ٽينڪر جا پنج هزار، ته ڪڏهن ست هزار رپيا ورتا وڃن ٿا ۽ اها به گارنٽي ناهي ته اهو پاڻي پيئڻ جي قابل به آهي يا نه. حڪومت جا ادارا جيڪي واٽر بورڊ ۽ مڪاني حڪومت جي نالي سان هر مهيني بجيٽ وٺن ٿا، تن وٽ  انهن سوال جو ڪو  به جواب آهي ۽ نه ئي منجهن ڪا ذميواريءَ جو احساس به آهي. جيڪڏهن حڪومت جي دعوائن موجب ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ گلشن حديد ۽ اهڙن ٻين علائقن تائين پاڻي ڇو نٿو پهچي؟ ڇا اهو پئسو واٽر بورڊ جي فائلن ۾ ئي ختم ٿي ويو آهي؟ واٽر بورڊ جا اعليٰ عملدار به ڄاڻن ٿا ته گلشن حديد سميت شهر جا ڪيترائي علائقا مسلسل پاڻيءَ کان محروم آهن، پر ڪنهن وٽ به اهڙو نظام ناهي جيڪو ٽينڪر مافيا کي روڪي سگهي يا ماڻهن کي رليف ڏئي سگهي.

ٽينڪر مافيا اصل ۾ حڪومت جي ئي غفلت مان پيدا ٿيل هڪ مافيا آهي، جنهن کي طاقتور ماڻهن جي سرپرستي حاصل آهي. اهي ئي پاڻي وڪڻي پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيا آهن. ماڻهو مجبوريءَ ۾ ٽينڪر خريد ڪن ٿا، ڇو ته ٻيو ڪو ذريعو ناهي. جڏهن حڪومتي ادارا عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ کان ناڪام ٿي ويندا آهن ته  تڏهن ئي اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي، جيڪا اڄ گلشن حديد جي حالت اسان جو سامهون آهي، جيڪو اتان جا رهواسي پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ سان گڏوگڏ هن علائقي ۾ صفائي، نيڪال ۽ گندگيءَ جا به سنگين مسئلا آهن. جڏهن پاڻيءَ جي فراهمي بند هجي ٿي ته ماڻهو متبادل ذريعن مان پاڻي ڀرين ٿا، جنهن سبب گندلاڻ ۽ بيمارين ۾ اضافو ٿئي ٿو. ٻار ڊائريا ۽ ٻين وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهي آهن، پر حڪومت وٽ صحت جون سهولتون به محدود آهن. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائڻ جي به کوٽ نظر اچي ٿي.  ايئن لڳي ٿو ڄڻ مڪاني ادارن کي هن علائقي سان ڪا دلچسپي ئي ناهي. واٽر بورڊ، مڪاني حڪومت ۽ پي ڊي اي (پورٽ قاسم ڊولپمينٽ اٿارٽي) جي وچ ۾ ذميوارين جي ڇڪتاڻ سبب عوام  اڄ ۾ ۾ تڙپي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ گلشن حديد جا رهواسي پنهنجو حق گهُرن ته  سندن دانهن ڪير ٻڌندو؟ انهن جي نه چونڊيل نمائندن کي پرواهه آهي ۽ نه ئي انتظاميا کي احساس. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪجهه شهرين پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ احتجاج ڪيو ته پوليس اچي سندن آواز دٻايو. اها ئي حڪومتي ذهنيت آهي جيڪا عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران دٻائڻ ۾ مصروف رهي ٿي. جيڪڏهن حڪومت کي عوام جو احساس هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ عارضي طور تي ٽينڪر ذريعي مفت پاڻيءَ جي فراهميءَ جو بندوبست ڪري ها. جڏهن حڪومت شهري بنيادي حقن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ته پوءِ ان جي سڄي ڪارڪردگي تي سوال اٿن ٿا.صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي فراهمي ڪو احسان نه، پر عوام جو بنيادي حق آهي. هر شهري کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومتي ادارن جي ذميواري آهي.

هن صورتحال جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته ڪراچيءَ جهڙي ميگا سٽي ۾، جنهن ۾ هر روز نوان پروجيڪٽ ۽ نوان اشتهار ايندا آهن، اتي گلشن حديد جا ماڻهو پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ به تڙپي رهيا آهن. جڏهن به ميڊيا اهڙي صورتحال کي اجاگر ڪري ٿي ته اختيارين طرفان اهو چيو وڃي ٿو ته ”جلد بحاليءَ جو ڪم شروع ٿي ويندو.“ پر اهو ’جلد‘ سالن تائين نه ٿو اچي. پاڻيءَ جون پائيپ لائينون يا ته زنگ آلود ٿي ويون آهن، يا ڀڃي پيون آهن ۽ انهن جي مرمت لاءِ حڪومت وٽ بجيٽ ته آهي پر  لاڳاپيل ادارن جو ارادو نٿو لڳي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي عوام دوست آهي ته ان کي گلشن حديد جهڙن علائقن ۾ ايمرجنسي بنيادن تي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پهرين ته ٽينڪر مافيا کي مڪمل طور ڪنٽرول ۾ آندو وڃي، پوءِ علائقي جي لائينن ۽ والن جي مرمت فوري طور تي ڪئي وڃي. ان سان گڏ حڪومت کي گهرجي ته پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ هڪ شفاف ۽ خودڪار نظام قائم ڪري، جيڪو نه رڳو گلشن حديد پر سڄي ڪراچيءَ جي عوام کي بنيادي حق طور پاڻي مهيا ڪري سگهي.

اڄوڪو هي ايڊيٽوريل ان اميد سان لکيو ويو آهي ته حڪومت اسان جي نشاندهي ڪيل ان اهم ۽ عوامي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جهڙوڪ واٽر بورڊ، مڪاني حڪومت ۽ صوبائي انتظاميا گلشن حديد کي ترجيحي بنيادن تي رليف ڏيندي. ماڻهن کي ٽينڪر مافيا کان نجات ڏياريندي، صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ پائيدار نظام قائم ڪيو وڃي ۽ ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڇو ته جيڪڏهن زندگيءَ جو بنيادي وسيلو ئي بند ٿي وڃي، ته پوءِ ترقيءَ جا سڀ خواب بي معنيٰ بڻجي ويندا ٿا ڇو ته پاڻيءَ کان سواءِ زندگي نٿي هلي سگهي  سو لاڳاپيل ادارن ان اهم مسئلي جي حساسيت ۽ عوامي اهنجن کي سمجهن ۽ان کي بنا دير حل ڪرڻ ۾ پنهنجيون سڀ صلاحيتون ۽ وسيلا ڪتب آڻين ته جيئن گلشن حديد جا شهري ڪو سک جو ساهه کڻي سگهجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.