ڄامشوري جي تعليمي ادارن ۾ پيش ايندڙ خوني واقعن جو نوٽيس ورتو وڃي

شير محمد نونداڻي

ڄامشورو جيڪو تعليم، علم ۽ تحقيق جو مرڪز سڏجي ٿو، جنهن ۾ ھن وقت خوف جي لھر ڇانيل آهي. رڳو ھڪ هفتي جي اندر ٽن مختلف واقعن ۾ علمي ماحول کي ڇيهو رسايو آهي ۽ علم جو شهر هاڻي عدم تحفظ جو شهر بڻجي چڪو آهي. پهريون واقعو لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ۾ پيش آيو، جتي سينا هاسٽل مان ميڊيڪل جي چوٿين سال جو شاگرد ٺل جو رهواسي عبدالله سومرو گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. هن واقعي شاگردن ۽ والدين کي انتهائي صدمو  رسايو ۽ شاگرد خوف ۾ مبتلا ٿي ويا، ڇو ته هاسٽلن کي هميشه محفوظ جڳهه سمجهيو ويندو هو.

ٻيو واقعو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بلاڪ هاسٽل روم نمبر 24 ۾ پيش آيو، جتي ڪمپيوٽر سائنس شعبي جو شاگرد جاويد مصطفي پسٽل جي فائرنگ سبب سخت زخمي ٿي پيو ۽ ٽيون واقعو سنڌ يونيورسٽي جي مُک گيٽ تي سيڪيورٽي گارڊ حسين شيخ تي فائرنگ جي صورت ۾ پيش آيو، جنهن کي گوليون لڳڻ سبب زخمي ڪيو ويو. هي واقعو نه رڳو شاگردن پر سيڪيورٽي عملي لاءِ به وڏي بيچيني جو سبب بڻيو آهي.

اهڙا واقعا ڄامشوري جي علمي ساک کي سخت نقصان پهچائي رهيا آهن. يونيورسٽي ۾ داخل ٿيندڙ شاگرد خوفزده آهن، والدين پريشان آهن ۽ جيڪڏھن ائين رهيو ته علمي ماحول مڪمل طور متاثر ٿي ويندو. هاسٽلن ۾ جديد سيڪيورٽي نظام لاڳو ڪيو وڃي، ڪيميرائن ۽ چڪاس ذريعي هٿيارن جي روڪٿام يقيني بڻائي وڃي ۽ فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي قانوني طور سزا ڏني وڃي.

ڄامشورو جيڪو ڪڏهن علم، امن ۽ نوجوانن جي اميدن جو مرڪز هو ۽ هاڻي شاگردن ۾ خوف ڇانيل آهي. وقت جي گهرج آهي ته علم جي هن شهر ۾ ٻيهر امن قائم ڪيو وڃي ته جيئن شاگرد بنا خوف جي تعليم حاصل ڪري سگھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.