سڪرنڊ تعلقه اسپتال زندگي بچائڻ جو ادارو يا موت جو گهر؟

راج ڪمار اوڏ

سڪرنڊ، جيڪو ضلعي شهيد بينظير آباد جي هڪ اهم تعلقو آهي، اتان جي واحد وڏين طبي سهولتن واري اسپتال، يعني تعلقه اسپتال سڪرنڊ، اڄ پنهنجي وجود تي ئي سوال بڻجي بيٺي آهي.

سڪرنڊ تعلقه اسپتال ۾ ڪافي وقت کان ايم ايس مقرر نه آهي. نتيجي طور، اسپتال انتظامي لاوارثي جو شڪار آهي.هن اسپتال اندرايمرجنسي؟ فقط نالي جي  ڳالهه رهي آهي ۽ هي اسپتال  نيشنل هاءِ ويءَ تي موجود هجڻ باوجود، اسپتال جو ايمرجنسي يونٽ مڪمل طور غيرفعال آهي. ڪيترائي حادثن جا مريض، دل، دماغ يا ٻين ايمرجنسي حالتن ۾ اچڻ وارا ماڻهو ريفر ٿي نوابشاه يا حيدرآباد موڪليا وڃن ٿا  انهن مان ڪيترائي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏين ٿا. سوال اهو آهي ته، صفائي نه، دوائون نه، ڊاڪٽر به ناياب 5. اسپتال جي صفائي، سيڪيورٽي ۽ اسٽاف جي حاضري تي ضابطو آندو وڃي سوال اهو ناهي ته اسپتال ڇو خراب حالت ۾ آهي، سوال اهو آهي ته اهو سڀ ڏسي به عمل ڇو نٿو ٿئي؟ اهو ته طئي آهي ته جيڪڏهن جلد فوري قدم نه کنيا ويا ته سڪرنڊ واسين لاءِ هي اسپتال اميد جو مرڪز نه، پر مايوسي جو نشانو بڻجي ويندي.

جڏهن ته سڪرنڊ جي رهواسين جو  مطالبو واضح آهي ته اسان شفا گهر گهرجي، نه موت جو نه گهرجي هاڻ بيان نه، عمل گهرجي! صحت، هر انسان جو بنيادي حق آهي  ان کي لتاڙي نه، تحفظ ڏنو وڃي.اسپتال جي وارڊن اندر گند، جراثيم ۽ بدبوءِ سان ڀريل ماحول عام ڳالهه بڻجي ويو آهي. اوپي ڊي ۾ دوائون ناهي، مريضن کي پنهنجي خرچ تي ٻاهر کان دوائون وٺڻيون پون ٿيون. ٻئي طرف ڊاڪٽرن جي کوٽ جي ڪري مريضن کي ڪلاڪن جا انتظار ڪرڻا پون ٿا، ۽ پوءِ به کين نوابشاهه وڃڻ جي صلاح ملي ٿي عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ  آهي جتي سرڪاري اسپتال بي سهارا آهي، اتي عطائي ڊاڪٽرن، غير قانوني ليبارٽرين ۽ بغير لائسنس ميڊيڪل اسٽورن جو راڄ قائم آهي. هڪ سرنج سان ڪيترن مريضن کي دوا ڏيڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن، جيڪي ايڊز، هيپاٽائٽس بي ۽ سي جهڙين خطرناڪ بيمارين جي پکڙجڻ جو وڏو سبب بڻجي رهيا آهن سياسي ۽ انتظامي خاموشي  ضلع انتظاميا خاص طور تي ڊي سي شهيد بينظير آباد، ڪڏهن ڪڏهن هدايتون ته جاري ڪري ٿو ته عطائين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، دوائن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، پر اهي هدايتون صرف ڪاغذن تائين محدود آهن. گرائونڊ تي نه ڪا ڪارروائي، نه ڪا سيلنگ، نه جوابده عملدار. اهڙي حالت ۾ عوام جي پريشاني وڌي رهي آهي.

شهري آواز بلند ڪري رهيا آهن  سڪرنڊ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقن پاران هيٺيان مطالبا بار بار سامهون آيا آهن: مستقل ايم ايس جي مقرري ڪئي وڃي ۽ کيس مڪمل اختيار ڏنا وڃن.

ايمرجنسي وارڊ کي فعال ڪيو وڃي، ايمبولينس، جديد اوزار، ۽ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽرن جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي، اسپتال لاءِ ضروري دوائون فراهم ڪيون وڃن ۽ عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ليبارٽرين خلاف سخت قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.