هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ آرٽيڪلز ۽ آئيني ترميمن جو مڪمل رڪارڊ شامل آهي ، جنهن ۾ وقت بوقت تنظيم جي قانوني ۽ اداري ڍانچي ۾ ڪيل تبديليون نهايت تحقيق ۽ تصديق سان درج ڪيون ويون آهن . اهڙيءَ طرح ، رضاڪارن کي ڏنل ايوارڊ ، سونهري تمغا، شيلڊون ۽ خدمتن جا سرٽيفڪيٽس جي تفصيلي تاريخون به هن ڪتاب جو حصو آهن. ڪتاب ۾ سگا جي 129 برانچن جي قيام جون تاريخون ، آفيس بيئررز جون فهرستون ۽ هر برانچ جي ڪارڪردگيءَ جا تفصيلي حوالا وڏي ترتيب ۽ سچائيءَ سان شامل ڪيا ويا آهن . هر برانچ جي بنياد وجهڻ کان وٺي ان جي خدمت تائين جو سفر ڪتاب ۾ روشنيءَ سان اجاگر ٿيل آهي . اهو ئي نه ، پر هي ڪتاب روشن تارا جي اسڪولن جو مڪمل رڪارڊ تي به مشتمل آهي، جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ شهرن ۾ سگا جي انتظام هيٺ هلي رهيا آهن . هر اسڪول جي قيام، ڪارڪردگي ، شاگردن جي ترقي ۽ سماجي اثر بابت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي . ان سان گڏ پبلڪ اسڪول گڏاپ جو به مڪمل احوال هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن ۾ ان جي قيام، مقصد، اسٽاف، شاگردن ۽ ترقياتي مرحلن جو ذڪر انتهائي محبت ۽ سچائيءَ سان ڪيو ويو آهي .
سچ پچ ته سگا انسائيڪلوپيڊيا رڳو هڪ ڪتاب نه پر هڪ علمي خزانو ، اداري جي تاريخي روح ۽ خدمت جي مجموعن جو گلدستو آهي ، جنهن ۾ پروفيسر خالد حسين چنه سنڌ جي علمي ورثي کي امر ڪري ڇڏيو آهي. ھي ڪتاب سنڌ جي علمي تنظيم جي پوري تاريخ ، تحريڪ ۽ فڪر جو اهڙو آئينو آهي ، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو روشن مينار بڻجي رهيو آهي جڏهن ڪو پڙهندڙ انسائيڪلوپيڊيا کوليندو آهي ته کيس هر نالو، هر موضوع ۽ هر حوالو پنهنجي صحيح جڳھه تي، خوبصورت ترتيب سان ملي ٿو . اها ترتيب نه رڳو علمي معيار جي عڪاسي ڪري ٿي، پر خالد حسين چنه جي محنت، ڌيان ۽ فڪري نفاست جو زنده ثبوت به پيش ڪري ٿي . الف ب جي ترتيب ۾ اهڙي سڌائي ۽ تسلسل پيدا ڪرڻ اڄ جي وقت ۾ به هڪ وڏو چئلينج آهي ، پر پروفيسر خالد حسين چنه ان کي پنهنجي قابليت ۽ خلوص سان اهڙي شان سان سرانجام ڏنو ، جو سگا انسائيڪلوپيڊيا اڄ سنڌ جي علمي ۽ تحقيقي دنيا لاءِ هڪ بي مثال حوالو بڻجي چڪي آهي .
تحقيق جي ميدان ۾ پروفيسر خالد حسين چنه جو ڪردار نمايان آهي . هن پنهنجي علمي بصيرت ۽ تاريخي شعور سان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي فڪري، تعليمي ۽ سماجي جدوجهد کي رڳو لکت ۾ محفوظ نه ڪيو ، پر ان کي تحقيقاتي بنيادن تي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ زنده ورثو بڻائي ڇڏيو آهي . سندس تحقيق رڳو تاريخي حوالن جو مجموعو نه آهي، پر احساس، اخلاص ۽ اداري سان محبت جو عڪس به آهي . هر ڪتاب ۾ سگا جي ڪارڪنن جي خدمت، جدوجهد ۽ علمي مشن کي اهڙي محنت سان قلمبند ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو ڄڻ هو پاڻ به انهيءَ تاريخ جو حصو هجي .
پروفيسر خالد حسين چنه سگا جي فڪر ۽ عمل کي اهڙي سچائيءَ سان امر ڪيو، جو هاڻي هي ادارو نه رڳو هڪ تنظيم، پر هڪ فڪري تحريڪ جي صورت ۾ نسلن تائين سدائين زنده رهندو . پروفيسر خالد حسين چنه پنهنجي سڄي علمي زندگي سنڌ جي فڪري سڃاڻپ لاءِ وقف ڪري ڇڏي . هن تاريخ کي پڙهڻ نه ، پر تاريخ سان ڳالهائڻ سيکاريو . سندس تحقيق ، سندس فڪر ۽ سندس اخلاص، انهن سڀني نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو سرچشمو آهي ، جيڪي علم ، خدمت ۽ سچائيءَ جي رستي تي هلڻ چاهين ٿا . سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سندس اهو ڪم آهي ، جيڪو ايندڙ صدين تائين پڙهيو ويندو ۽ سنڌ جي علمي ورثي جو اهم باب بڻيل رهندو .