ڪجهه وقت پهريان اهو چيو ويو ته پرائمريءَ مان پنجاھ سيڪڙو (جي ايس ٽي) جي سيٽن تي ڀرتي ڪيا ويندا ۽ پنجاھ سيڪڙو سِڌا ٽيسٽن جي ذريعي ڀرتي ڪيا ويندا. جڏهن ته (ايڇ ايس ٽي) طور خالي سيٽن جو پنجويهه سيڪڙو پرائمري استاد ۽ پنجاھ سيڪڙو (جي ايس ٽي) ترقيءَ طور کنيا ويندا ۽ پنجويهه سيڪڙو سڌا سنوان ڀرتي ڪيا ويندا. اهڙو قانون اڳ ۾ ئي موجود آهي. پر ان تي زميني حقيقتن موجب ڏٺو وڃي ته پرائمري سطح جي استادن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ۽ جي ايس ٽي کي نور نظر سمجھندي انهن جا تڪڙا تڪڙا ترقيءَ جا حڪم جاري ڪيا وڃن ٿا. نتيجي طور اسان جي مٽياريءَ ۾ پرائمري جا استاد جيڪي بي ايڊ پاس آهن، انهن جي لسٽ 1996ع تائين جا به اڃان استاد انتظار ۾ آهن ته انهن جا ڪڏهن ٿا پروموشن ٿين. پر ڪوبه تدارڪ ڪونھي. جڏهن ته ساڳئي ضلعي ۾ جي ايس ٽي جيڪي 2021ع ۾ ڀرتي ٿيا سي به ايڇ ايس ٽي ٿي ويا.
سنڌ سرڪار کي گھرجي ته پنهنجي سرڪاري ملازمن جي ترقين جا طور طريقا انصاف تي مبني جوڙي انهن تي عمل ڪرائي ته جيئن هر ننڍي سطح وارو ملازم پنهنجي سروس جي آڌار تي ترقيون ماڻي ڪنهن سٺي عهدي تي پهچي سگھي. ان لاءِ خاص طور تي پرائمري سطح جي استادن سان ٻه اکيائيءَ وارو رويو ختم ڪري، انهن کي انهن جو پورو پورو حق ادا ڪيو وڃي، ٻيو نه ته به همدرديءَ طور انهن جا پروموشن ڪيا وڃن ته جيئن هو هن سماج ۾ هڪڙي ئي ڪيٽيگريءَ ۾ هوندي هڪڙن جا پروموشن ٿين ۽ پرائمري جا نه ٿين. اهڙين حالتن جي ڪري پرائمري استادن ۾ مايوسي انتهائي درجي تي پهچي چڪي آهي. جنهن جو بلڪل به ازالو ٿيڻ گھرجي ۽ انهن کي به ترقيءَ جا موقعا ملڻ گھرجن. انهن کي به پنهنجيون خواهشون پوريون ڪرڻ جون اميدون ڏياريون وڃن. ان جو هڪ بهترين حل آهي. جنهن تي جيڪڏهن سنڌ سرڪار عمل ڪري وجھي ته ڪنهن جو به نقصان ٿيڻ کان سواءِ پرائمري استادن جي ڀلائي ٿي سگھي ٿي.ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گھرجي تي تدريسي عملي جي ڀرتيءَ جو هڪڙو اهڙو سگھارو قانون جوڙي، اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي، جيڪو سطح به سطح ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪرڻ لاءِ هجي. ته جنهن سان پرائمري کان وٺي ويندي پروفيسر سطح تائين سڀئي اڳتي وڌڻ جا پنهنجا خواب ساڀيان ڪري سگھن. ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي مشورو ٿو ڏجي ته ڪابه نئين ڀرتي ڪري ته اها فقط ۽ فقط پرائمري اسڪول استاد طور ڪري. جڏهن ته جي ايس ٽي (جونيئر اسڪول ٽيچر)، جي اي ايس ٽي (جونئير ايليمنٽري اسڪول ٽيچر)، ڊي ٽي (ڊرائنگ ٽيچر)، او ٽي (اورينٽل ٽيچر)، ايل ٽي (لينگوئيج ٽيچر)، پي ٽي آءِ (فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر)، ڊبليو ٽي آءِ (ورڪشاپ ٽريننگ انسٽرڪٽر)، ايڇ ايس ٽي (هاءِ اسڪول ٽيچر)، ايس ايس ٽي (سيڪنڊري اسڪول ٽيچر)، ايس ايس (سبجيڪٽ اسپيشلسٽ)، ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر، پروفيسر) وغيره پوسٽون ساڻن گڏ سيٽن تي ڪم ڪندڙ هيٺين گريڊ جي تدريسي عملي مان ڀرتي ڪيون وڃن. جهڙوڪ: تدريسي شعبي ۾ ڀرتي فقط ۽ فقط پرائمري سطح تي ڪئي وڃي. جڏهن ته جي ايس ٽي يا جي اي ايس ٽي يا ان جي برابر ٻيون تدريسي سيٽون پرائمري استادن مان ڀرتي ڪيون وڃن. ان کان مٿي ايس ايس ٽي يا ايڇ ايس ٽي ۽ ان جي برابر اسڪيل واريون تدريسي سيٽون جي اي ايس ٽي يا جي ايس ٽي يا انهن جي مساوي گريڊن جي استادن مان ڀرتي ڪيون وڃن. ان کان مٿي ايس ايس يا ليڪچرر جي سيٽن تي ايڇ ايس ٽي يا ايس ايس يا انهن جي مساوي گريڊ جي استادن مان ڀرتي ڪيا وڃن. اهڙي ئي نموني اسسٽنٽ پروفيسرن جون ڀرتيون ليڪچررن مان يا ايس ايس ۽ انهن جي هڪجهڙي اسڪيل وارن استادن مان ڪيون وڃن. ساڳئي نموني پروفيسرن جون ڀرتيون اسسٽنٽ پروفيسرن مان ڪيون وڃن.
هتي هڪڙي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته جيڪي به پرائمري کان سواءِ ڀرتيون عمل ۾ آنديون وڃن. تن لاءِ سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو جيڪي قاعدا ۽ ضابطا مقرر ڪري ٿو، انهن جي پوئواري ڪندي، اميدوارن کان درخواستون گھرائي، انهن کان تحريري يا زباني امتحان بلڪل ورتو وڃي. انهن مان جيڪي ميرٽ تي اهل ثابت ٿيندا، تن کي ئي مقرر ڪيو وڃي. ٻيو ته سرڪاري سطح تي تعليم کاتي طرفان سينيارٽي بيس تي پروموشن ڪيا وڃن ٿا. سي بلڪل به انهيءَ ساڳئي نموني برقرار رکيا وڃن. ته جيئن ڪنهن به استاد کي کاتي طرفان مايوسي نه ٿئي. جيڪڏهن هن مشوري تي وس وارا يا صاحبِ اقتدار غور ڪندا ته ان مان ڪيترائي فائدا حاصل ٿي سگھندا. هڪ ته بيروزگاري گھٽ ٿيندي، ٻيو ته اڳ ۾ ئي خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي اڳتي وڌڻ جو برابر جو موقعو ملندو، جنهن سان هو پنهنجي اهليت موجب اڳتي منزل ماڻيندا رهندا. ان سان ڪنهن به قسم جا خدشا يا گمان ذهنن ۾ ڪونه اڀرندا. ۽ تدريسي عملو پنهنجا فرائض ڪشاده دليءَ سان ۽ اورچائيءَ سان ادا ڪري سگھندا. جنهن سان نه رڳو اسان جي صوبي سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو ايندو. پر اسان جي سماج مان پڻ اوڻائين پوڻائين جو رواج پڻ ختم ٿيندو. جيڪو هڪ سٺي معاشري لاءِ امرت ڌارا مثل هوندو.