ملڪ جا پيچيده مسئلا ۽ سياسي قيادت جو بحران

:ارشد بٽ ايڊووڪيٽ

جنرل باجوه ۽ عمران خان کي موجوده ’هائبرڊ نظام‘ جو معمار سمجهيو وڃي ٿو. فيبروري 2024ع جي چونڊن کان پوءِ پاڪستان جون تقريبن سڀئي وڏيون ۽ ننڍيون سياسي پارٽيون اقتدار ۾ شريڪ ٿي، انهيءَ هائبرڊ سسٽم کي جاري رکيو بيٺيون آهن. وفاق ۾ نواز ليگ جي شهباز حڪومت پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي بيٺڪن تي بيٺل آهي. پنجاب ۾ نواز ليگ وزيراعليٰ مريم نواز جي اڳواڻي ۾ اڪيلي حڪمران پارٽي آهي. سنڌ حڪومت سميت صدر مملڪت، چيئرمين سينيٽ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي گورنرن جا عهدن تي ويٺل نمائندن ذريعي پيپلز پارٽي هن نظام جي ٻي وڏي اسٽيڪ هولڊر طور موجود آهي.

تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي حڪومت سنڀالي، نظام جو حصو بڻجڻ قبول ڪيو آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي، جي يو آءِ اڳ ئي شهباز حڪومت ۾ شامل ٿي، هائبرڊ نظام جي تسلسل ۾ پنهنجو حصو وجهي چڪي آهي. البت خيبرپختونخوا جي گورنري نه ملڻ ۽ بلوچستان حڪومت ۾ مرضي مطابق حصو نه ملڻ سبب جي يو آءِ هاڻي سسٽم جي ’برڪتن‘ کان محروم آهي. بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي نالي سان مختلف سردارن جا گروهه صوبائي حڪومت جو حصو آهن، جڏهن ته قومپرست جماعتن کي مقتدر حلقا اقتدار ۾ شريڪ ڏسڻ نٿا چاهين. جماعت اسلامي ۽ عوامي نيشنل پارٽي چونڊيل ايوانن ۾ مناسب نمائندگي نه هجڻ سبب نظام جي ’فيض‘ کان  محروم رهي ويون آهن.

تقريبن سڀئي اهم سياسي پارٽيون اقتدار جي ونڊ ورڇ  ۾ شريڪ ٿيڻ سبب، اڄ چونڊيل ايوانن جي اندر يا ٻاهر ڪو به حقيقي جمهوري اپوزيشن جو تصور باقي نه رهيو آهي. مقتدره جي پشت پناهيءَ سان وفاقي حڪومت هڪ جماعتي حڪمرانيءَ جي منفرد نموني طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ چارئي صوبائي حڪومتون به ساڳي طرز جي پرتو بڻجي ويون آهن. نه صوبائي اسيمبلين ۾ اپوزيشن جو ڪو اثرائتو ڪردار نظر اچي ٿو ۽ نه ئي ٻاهر سياسي سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن جماعت اسلامي روايت موجب ٿوري گهڻي سياسي سرگرمي ڪندي ڏسجي ٿي يا ڪڏهن مولانا فضل الرحمان ڪنهن مذهبي اجتماع ۾ سياسي تقرير ڪندو نظر اچي ٿو، باقي پيپلز پارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آءِ يا ايم ڪيو ايم ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ به سياسي جدوجهد ڪندي نظر نٿيون اچن. سياسي ’مڪالمو‘ هاڻي صرف نجي ٽي وي چينلن جي اسڪرينن تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ سياسي ڪارڪن جهڙي شيءِ آهستي آهستي ناياب ٿي وئي آهي. اپوزيشن جي غير موجودگيءَ ۾ جهموريت جو تصور اڌورو آهي، ڇو ته بنا اپوزيشن جي شرڪت جي جهموريت جو وجود پاڻ ۾ خطري ۾ هوندو آهي.

مقتدره سان مفاهمت جي نالي ۾ موقعي پرستيءَ جي سياست، حڪومتي لالچ، طبقاتي ۽ ذاتي مفادن جي حڪمراني کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. سياسي اشرافيا اقتدار تي گرفت برقرار رکڻ لاءِ هر غير جمهوري قدم کي قومي سلامتيءَ جو نالو ڏئي پيش ڪري ٿي. حڪومت هجي يا اپوزيشن ڪنهن به طرفان آئين ۽ قانون جي بالادستي يا سول ادارن جي خودمختياريءَ لاءِ آواز اڀرندي نٿو ٻڌجي. ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن صحافين، دانشورن ۽ وڪيلن کان سواءِ ڪٿي به عدليه ۽ ميڊيا جي آزاديءَ لاءِ آواز نه پيو ٻڌجي. هائبرڊ نظام ۾ غير جهموري قوتون پوري آب و تاب سان سرگرم عمل آهن.

اصولن جي لحاظ کان عمران خان پاڻ به هائبرڊ نظام ۾ مقتدره جي بالادستيءَ جو حامي رهيو آهي. سندن ڪجهه اعليٰ عهديدارن سان اختلافن جي هڪ ئي سبب آهي  سندن آزاديءَ جو مسئلو. عمران خان لاءِ حڪومت ۾ شامل ٻين سياستدانن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڪا اهميت نٿي رکي. سندن عوامي مقبوليت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، پر سندن سياسي انداز هڪ طرف سندن پنهنجي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف مقتدره جي گرفت نظام تي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. مختلف خيالن واري سياسي قوتن جي وچ ۾ سياسي ڊائلاگ ئي جمهوري عمل جي روح آهي. اهڙي ڊائلاگ وسيلي ئي جمهوري عمل جو تسلسل قائم رهي ٿو، پر اڄ اهو تسلسل رڳو رڪجي نه ويو آهي، پر روز بروز پوئتي وڃي رهيو آهي. سياسي اختلافن کي ذميواريءَ بدران ذاتي دشمنيءَ جي سطح تي آندو ويو آهي، جنهن ڪري سياسي فضا زهريلي ٿي وئي آهي.

هن وقت ملڪ ۾ جهموري سياسي قيادت جو حقيقي بحران آهي. هتي هاڻي نه بينظير ڀٽو جهڙي ويزن واري اڳواڻ آهي، نه خان عبدالولي خان جهڙو هوشيار سياستدان، نه غوث بخش بزنجو جهڙو جمهوري ڊائلاگ کي سمجهندڙ ليڊر، نه نوابزاده نصرالله خان جهڙو سياسي اتحادن جو ماهر ۽ نه معراج محمد خان جهڙو جمهوري جدوجهد ڪندڙ انقلابي اڳواڻ. اقتدار جا بکيا ۽ موقعي پرست  پنهنجن موقعي پرستين جي ڪرتبن سان اقتدار ته حاصل ڪري وٺن ٿا، پر انهن جو جهموريت، آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ يا غريب طبقن جي معاشي مسئلن سان ڪو به لاڳاپو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.