لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو آسان نه هو، حالتون بهتر ٿيندي ئي پيٽرول سستو ڪنداسين.
تيل اگهن ۾ واڌ جي معاملي تي عظميٰ بخاري چيو ته اسان وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، صورتحال بهتر ٿي ته پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائينداسين.
هن چيو ته ڪنهن کي به ذخيري اندوزي جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو به ان غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث هوندو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like