لاهور (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ تازي واڌ کانپوءِ پاڪستان ريلويز به ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب ڊيزل جي اگهه ۾ واڌ سبب ڀاڙن ۾ تبديلي اڻٽر هئي، نئين فيصلي تحت اڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
ترجمان چيو ته اي سي ڪلاسز ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، اها واڌ 9 مارچ کان سڀني ٽرينن تي لاڳو ٿيندي.
You might also like