انگن اکرن جي هن راند ۾ رڪارڊ ٺهندا ۽ ۽ ٽٽندا رهندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي رڪارڊ، ميچون ۽ لمحا ذهن جي خانن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندا آهن، هن راند سان ننڍڙي وهيءَ ۾ئي پنهنجو ناتو جڙيو، تڏهن عمر ست اٺ سال هئي، سال هو ويهه سئو ست، جڏهن ماھيءَ (مهيندر سنگهه ڌوني) جي قيادت ۾ جوهانسبرگ جي ميدان تي هن ٽيم تاريخ رقم ڪئي هئي، سو ان جو اثر ايئن ئي ماٺو ته ٿيڻ وارو نه هو.تڏهن کان ئي مون ان شخص کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو ۽ هن ٽيم سان اهڙي دل جُڙي جو ٻيا سڀ سارا وسري ويا، جنهن فارميٽ ۾ کيڏيل ان ٽورنامينٽ مون کي هن راند سان عشق ڪرڻ سيکاريو هو، اٺ مارچ تي ان جي ڏهين ايڊيشن جو آخري دنگل آهي، دفاعي چيمپئن ڀارت ۽ نيوزيلينڊ هڪٻئي خلاف پاڻ ملهائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا آهن.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو فائنل اٺ مارچ تي احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندو.
ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت پنهنجي ميدان تي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي ۽ ڪيترائي تجزئي نگار ان کي ”گاٽ“ يعني هر دور جي بهترين ٽيم قرار ڏئي رهيا آهن.
پوئين ٽورنامينٽ جيان هن ڀيري به ايونٽ ۾ ويهه ٽيمون ميدان تي لٿل هيون، هن ٽورنامينٽ جي خاص ڳالهه اها هئي ته ننڍين ٽيمن وڏين ٽيمن کي ڇرڪائي ڇڏيو.
انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جو مقابلو، نيپال ۽ انگلينڊ جو ٽاڪرو، افغانستان جو ڏکڻ آفريڪا سان دنگل، ڪولمبو ۾ سوريا جي سٿ هٿان پاڪستان جو سوگهو ٿيڻ، زمبابوي جي آسٽريليا کي شڪست، پاٿم نِسانڪا جو ڪينگروز کي گهر ڀيڙو ڪرڻ، ملر ۽ بريوس جو ڀارت جي مسلسل فتح کي بريڪ لڳائڻ، سينٽنر ۽ ڪؤلي جو سريلنڪا کي آئوٽ ڪلاس ڪرڻ، بروڪ جي پاڪستان خلاف بهادراڻي اننگز هجي يا فن جو پروٽيز تي قهر بڻجي ڪڙڪڻ ۽ بيٿل جي سيمي فائنل ۾ بوال مچائيندڙ اننگز، هن ٽورنامينٽ دوران اهڙا انيڪ موقعا آيا جو شوقينن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو هو.
گذريل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ ڪپتان روهت شرما، اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ۽ آل رائونڊر رويندر جاڙيجا رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، سندن جاءِ تي نوجوان رانديگر شامل ڪيا ويا، اڀيشيڪ شرما، تلڪ ورما ۽ ورن چڪرورٿي جي شموليت سان ٽيم وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي.
عالمي ڪپ کان اڳ ٽيم ۾ اهم تبديلي نائب ڪپتان شُڀمَن گِل جي جاءِ تي ايشان ڪشن جي شامل ڪري ڪئي وئي، جڏهن ته سنجو سيمسن جي واپسي سان بيٽنگ لائن وڌيڪ مضبوط ۽ متوازن ٿي وئي آهي.
ان باوجود ڪجهه تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارت احمد آباد ۾ فائنل کٽڻ ۾ ناڪام رهي ته متان هن ٽيم کي ”گاٽ“ جو درجو نه ملي سگهي، ڇو ته ڪرڪيٽ ۾ حقيقي عظمت ليگ ۽ ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ مستقل ڪاميابي سان ثابت ٿئي ٿي.
پر ميدان ۾ رڪارڊ ڪم نٿا اچن، ان ڏينهن ڪارڪردگي سڀ کان اهم هوندي آهي ۽ جيڪا ٽيم دٻاءُ ۾ اُڪري ويندي سا ئي ٽرافي جي مالڪ بڻبي.
ڀارتي ٽيم اڃا به مضبوط نظر اچي ٿي، سنجو سيمسن بهترين فارم ۾ آهي، جسپريت بُمرا مخالف بيٽرن لاءِ ڏکيو بالر ثابت ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هاردِڪ پانڊيا آل رائونڊ ڪارڪردگي سان ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
فائنل ۾ ڀارت کي نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف پنهنجو بهترين راند ڏيکارڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته نيوزيلينڊ ٽيم کي سدائين ”سائلنٽ ڪلر“ سمجهيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڀارت فائنل کٽي ويندو ته پوءِ ان کي جديد ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي حقيقي ”گاٽ“ ٽيم قرار ڏئي سگهبو.
ورلڊ ڪپ 2023ع جي هڪ سڃاڻ اها به آهي ته اهو رڳو ڀارت جو ايونٽ هو، جتي هن ٽيم پنهنجي تاريخ جي سڀ کان بهترين ڪرڪيٽ کيڏي، اڻويهه نومبر واري ڏينهن ان مها ميلي جي پڄاڻي اميدن پٽاندر نه ٿي، پر جيئن چوندا آهن ني ”جڏهن فلم جي پڄاڻي هيپي نه هجي ته سمجهو پڪچر اَڀي باقي آهي، ميري دوست.“
پوءِ هيءَ ٽيم بکئي شينهن جيان اُٿي ۽ هر مخالف کي چيهاڙي ماريو اٿائين، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ميدانن تي ناقابلِ شڪست رهندي 2024 وارو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي ويئي، هن ٽيم ڪائي ميچ هارائڻ کانسواءِ ٽيون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي(2025) پنهنجي نالي ڪئي ۽ ايشيا ڪپ2025 ۾ به سڀني کي مات ڏئي پنهنجو رستو صاف ڪندي ايشين چيمپيئن بڻي، اڻويهه نومبر کانپوءِ هن ٽيم ٽئي گهڻ ملڪي ٽورنامينٽس ناقابلِ شڪست رهندي کٽيا آهن.
ڀارتي ٽيم هن وقت تاريخ جي بهترين دور مان گذري رهي آهي، اٺ مارچ تي پهريون ڀيرو هي نوجوان نيوزيلينڊ خلاف روھت، ڪوھلي ۽ جاڙيجا کانسواءِ ڪنهن آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ميدان تي لهندا، هڪ وڏو عرصو هنن ستارن جي جهرمٽ ۾ هيءَ ٽيم ڪرڪيٽ جي اُڀ تي چمڪندي رهي آهي، اڄ جڏهن نوجوانن جو هي سٿ پنهنجي اعزاز جي دفاع لاءِ ميدان تي لهندو ته سندن ذهن ۾ هڪ خيال ضرور هوندو ته اسان جي وڏڙن جيڪا روايت وڌي هئي، ان کي نه رڳو برقرار رکڻو آهي پر ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي تاريخ کي مات به ڏيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ٽيم مختصر فارميٽ ۾ ٻه کان وڌيڪ ڀيرا ورلڊ ڪپ جي ٽرافي نه کٽي آهي، نه ڪائي ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڪو ميزبان ميگا ايونٽ جو فاتح بڻيو آهي.