اقتصادي راهداري جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو، معاشي انقلاب ايندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ علائقائي ٽرانسپورٽ وزيرن جي ڪانفرنس جي آخري اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جو خطو موجودا بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو  تائين رابطن جو مرڪز رهيو آهي، گوادر جي ڊگهي سامونڊي پٽي ۽ ڪراچي بندرگاهه ميري ٽائم سلڪ روڊ جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، عالمي سطح تي ٽرانسپورٽ ۽ رابطن واري نظام ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ٽرانس افغان ريلوي، اسلام آباد، تهران ۽ استنبول ريلوي ڪوريڊور تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته علائقائي رابطن ۾ واڌ سان معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب  ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊجيٽل ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ته جيئن نئين صنعتي دور سان گڏ هلي سگهي، جڏهن⁠ ته سنگل ونڊو سسٽم جهڙا منصوبا واپار کي جديد ۽ شفاف بڻائي رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪئي، جڏهن ⁠ته وفاقي وزير عطاالله تارڙ، عبدالعليم خان ۽ حنيف عباسي به موجود هئا. عبدالعليم خان چيو ته هي ڪانفرنس علائقائي واپار ۽ رابطن لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.