ايس آءِ يو جي حراست ۾ نوجوان جو موت، وارثن جو ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايس آءِ يو پوليس جي حراست دوران مبينا تشدد سبب نوجوان عرفان فوت ٿي ويو، ذريعن موجب نوجوان جي پوسٽ مارٽم ۾ جسم تي تشدد جا نشان مليا آهن، جڏهن ته پوليس جي دعويٰ آهي ته نوجوان جو موت تشدد نه پر دل جو دورو پئجڻ سبب ٿي، سندس جسم تي تشدد جا ڪو به نشان نه آهن، رپورٽ موجب ذريعن چيو آهي ته ايس آءِ يو پوليس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿيل نوجوان جو  پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ نوجوان جي جسم تي تشدد جا واضح نشان ظاهر ٿيا آهن،ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد شيخ جو چوڻ آهي ته نوجوان جو موت تشدد سان نه، پر دل جي بيماري سبب ٿي آهي، لاش جو طبي معائنو وارثن جي درخواست تي ڪرايو ويو، شروعاتي رپورٽ ۾ تشدد جي تصديق نه ٿي، مبينا طور قتل ٿيل نوجوان جي وارثن الزام لڳايو آهي ته عرفان کي سي آءِ اي اهلڪارن حراست دوران بدترين تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو، مقتول بهاولپور جي ٻوڏ متاثر علائقي مان روزگار لاءِ ڪراچي آيو هو، نوجوان جي موت خلاف وارثن سهراب گوٺ جي سردخاني ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ لاش رستي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي وئي،پوليس ذريعن موجب واقعي کان پوءِ ست اهلڪار معطل ڪيا ويا آهن، پر وارثن جو چوڻ آهي ته صرف معطلي ڪافي ناهي، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ضروري آهي، جڏهن ته پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه طارق موجب 18 سالن جي محمد عرفان جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ نمونا ڪيميائي تجزيي لاءِ محفوظ ڪيا ويا آهن، حمتي موت جو سبب ڪيميائي رپورٽ کانپوءِ معلوم ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.