اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح وڌي 5.03 تائين پهتي آهي جڏهن ته هفتيوار مهانگائي وڌڻ جي رفتار 0.22 سيڪڙو رهي. حساس اگهن جي انڊيڪس ( ايس پي آءِ) جي ماپيل مهانگائي لاڳيتو 12 هفتن کان وڌي رهي آهي. اها واڌ بنيادي طور تي جلد خراب ٿيندڙ عام واهپي جي شين، ٽماٽن، بصرن، پٽاٽن ۽ ڪڻڪ جي اٽي جي اگهن ۾ واڌ سبب ٿي آهي. ڳڻپ کاتي موجب، 23 آڪٽوبر 2025 تي ختم ٿيل هفتي دوران 20 ضروري شيون مهانگيون، 6 سستيون ۽ 25 جا اگهه برقرار رهيا. هڪ هفتي ۾ بصر 5.62 سيڪڙو مهانگا، انرجي سيور 2.51، آنا 2.38 سيڪڙو ۽ کنڊ جي اگهه ۾ 2.04 سيڪڙو واڌ ٿي. هڪ هفتي ۾ ٽماٽا سراسري طور 92 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا، ٽماٽن جو سراسري اگهه وڌي 329 رپيا 45 پيسا في ڪلو ٿي ويو. گذريل هفتي ٽماٽا 328 رپيا 53 پيسا في ڪلو هئا، وڌ ۾ وڌ ٽماٽن جو اگهه 400 رپيا في ڪلو تائين آهي. هلندڙ هفتي کاڄرو تيل، ٿوم ۽ وڏي گوشت سميت ٻيون شيون به مهانگيون ٿيون. رپورٽ موجب ڪڪڙ 2.51 ۽ چانور 1.19 سيڪڙو سستا ٿيا. داليون، اٽو ۽ ايل پي جي جي اگهن ۾ به گهٽتائي ٿي. ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، حڪومت طرفان اگهه گهٽائڻ لاءِ ڪيل سمورا اپاءَ بي اثر ثابت ٿيا آهن. هڪ هفتي دوران کنڊ 10 رپيا في ڪلو تائين مهانگي ٿي وئي، جنهن بعد ملڪ ۾ کنڊ جو وڌ ۾ وڌ اگهه 210 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. وفاقي ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب پشاور ۾ کنڊ جو اگهه سڀني شهرن کان وڌيڪ آهي، جتي هڪ هفتي دوران في ڪلو کنڊ جو اگهه 10 رپيا وڌي 210 رپيا ٿي ويو آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان ۽ بنون ۾ کنڊ جو وڌ ۾ وڌ اگهه 200 رپيا في ڪلو ۽ ڪراچي ۾ 195 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ کنڊ جو سراسري اگهه وڌي 188 رپيا 81 پيسا في ڪلو ٿي ويو آهي، جيڪو گذريل هفتي 185 رپيا 4 پيسا هو، جڏهن ته هڪ سال اڳ سراسري اگهه 134 رپيا 8 پيسا في ڪلو هو.