لاڙڪاڻو (رپورٽ: علي ساجد) چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال ۾ مستحق مريضن جي علاج ۽ دوائن لاءِ زڪوات فنڊ جو هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيڻ باوجود رڪارڊ گم، زڪوات ڪميٽي ايندڙ قسط روڪي ڇڏي. ذريعن موجب، اسپتال انتظاميا زڪوات فنڊ مان خرچ ڪيل رقم جو آڊٽ رڪارڊ، رسيدون ۽ رپورٽ پيش نه ڪري سگهي، جنهن بعد معاملو شڪ هيٺ اچي ويو آهي. ضلعي زڪوات چيئرمين منير شيخ ايم ايس اسپتال کي لکت ۾ خرچن جا تفصيل طلب ڪيا، پر مقرر مدي ۾ جواب نه مليو. اسپتال انتظاميا موجب، زڪوات سيڪشن انچارج احسان کوکر جي ذميواري هئي، پر هو ذهني پريشاني سبب ڳالهائڻ جي قابل نه رهيو آهي، جنهن سبب رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. ٻئي پاسي ملازم جي طبي حالت بابت ثبوت پڻ پيش ناهن ڪيا ويا. سماجي حلقن ۽ سول سوسائٽي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن واضح ٿي سگهي ته رڪارڊ واقعي گم ٿيو يا لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.