ملڪ ۾ هاري ۽ پورهيت طبقو ڪرنگهي جي حيثيت رکڻ باوجود پريشان آهي:هاري ڪانفرنس

ميرپورخاص(بيورورپورت) ميرپورخاص جي مقامي هال ۾  نيشنل پارٽي پاران هاري، پورهيت ۽ آبادگار ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن مير ڪبير احمد شهي، شاهينا رمضان، رمضان ميمڻ ۽ ٻين چيو ته هاري پورهيت ۽ آبادگار ملڪ جي ڪرنگھي واري حيثيت رکن ٿا جن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي پر بدنصيبي سان ملڪ جي هارين، پورهيتن ۽ آبادگارن کي اُهي سهولتون فراهم نه ٿي سگھيون آهن جيڪو سندن حق  آهي ملڪ جا جاگيردار سرمائيدار پنهنجن مفادن لاءِ هميشا پورهيتن، هارين کي نقصان ڏيندا آيا آهن مٿان قدرتي آفتن ٻوڏ پاڻي جي کوٽ ۽موسمياتي تبديلي جو نقصان به سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کان وڌيڪ عام پورهيت ۽ هاري تي پوي ٿو سرمائيدار ۽ جاگيردار ڏينهن ڏينهن امير تر جڏهن ته محنت ڪندڙ پورهيت ۽ هاري پنهنجي ڪٽنب کي ٻن ويلي جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهي طبقاتي نظام جي ڪري ننڍو طبقو سدائين پريشانين جو شڪار رهيو آهي، هنن چيو ته نيشنل پارٽي سدائين پورهيتن، هارين ۽ غريبن جي حقن جو آواز بلند ڪيو اهي. غريب پورهيت جون تحريڪون تبديلي آڻي سگھن ٿيون هنن چيو ته نيشنل پارٽي عورتن کي سياسي ۽ معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ هر سطح تي ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ موجوده حالتن ۾ پريشان محنتڪش طبقي سان نيشنل پارٽي انهن سان گڏ بيٺل آهي۔

سارين جا اگهه گهٽائي آبادگارن کي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي: نواز زئنور

ڪڙيو گهنور (ن ع آ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئنور چيو آهي ته پرامن سياسي جدوجهد ئي قومي وجود جي جياپي جي ضمانت آهي، سنڌي نوجوانن کي پرامن ۽ سنجيدا سياست جو حصو بڻجڻ گهرجي. هن قومي ڪارڪنن جي ميڙ سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي سياست جو بنياد عدم تشدد تي رکيو، ۽ پارٽي به ساڳئي فڪر تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته سنڌين کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، سارين جا اگهه گهٽائي آبادگارن ۽ هارين کي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، تنهنڪري سارين جو في مڻ اگهه گهٽ ۾ گهٽ چار هزار رپيا مقرر ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن قومي پارٽي جي اڳواڻ سلطان نندواڻي ٻڌايو ته قبيلائي جهيڙن جي خاتمي ۽ ٻين قومي مسئلن جي حل لاءِ 7 نومبر تي ڪنڌڪوٽ ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي.

ڪڻڪ جو پيداواري هدف 39 لک ٽن گهٽ رکڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 3.9 ملين ٽن گهٽ رکڻ جي تجويز آهي. گذريل سال ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 33.58 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو هو. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت موجب، هن سال ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف حاصل نه ٿي سگهيو،  ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ 5.9 سيڪڙو واڌ جي اميد آهي. چانورن جي پيداوار ۾ 2.7 سيڪڙو واڌ جي اميد آهي، ۽ ربيع جي فصل لاءِ پاڻي جي دستيابي اطمينان جوڳي آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت موجب، ربيع ۾ پنجاب ۽ سنڌ لاءِ 33.814 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي رکيو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ موسميات کاتي جي اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ معمول کان گهٽ برسات جي اميد آهي، جڏهن ته جنوري ۾ معمول جي ويجهو برسات جي اميد آهي. بيان موجب، سخت سردي بابت سوشل ميڊيا تي افواهن کي بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته هارين کي مناسب قيمتون، معياري ٻج ۽ قرض جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي.

سارين جو اگهه گهٽائڻ جو نقصان رڳو هارين کي نه سڀني کي ٿيندو:ايازلطيف

ڳڙھي خيرو/حيدرآباد (نمائندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو ڳڙھي خيرو ۾ شاندار ڀليڪار کان پوءِ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سارين جو في مڻ اگهه 4 هزار رپيا ۽ ڦٽين جو اگهه 10 هزار روپيا مقرر ڪيو وڃي. جلسي ۾ قومي عوامي تحريڪ  جا مرڪزي اڳواڻ، عهديدار، استاد، شهري ۽ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي وسيلن جا اربين رپيا وڏيرن ۽ حڪمرانن جي کيسي ۾ ويا آهن جڏهن ته عوام تباهي ۽ بدحالي جو شڪار آهي. هن زور ڏنو ته سارين جو اگهه گهٽائڻ سان رڳو هارين کي نه سڀني کي نقصان ٿيندو ۽ حڪومت کي زرعي پاليسين ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي. هوءَ چيو ته سنڌ جا ڪيترائي ضلعا جهڙوڪ ڳڙھي خيرو، شهدادڪوٽ ۽ قمبر معاشي ۽ امن امان جي بحران ۾ آهن ۽ عوام کي سجاڳ ٿي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ گهرجن. جلسي دوران تعلقي صدر جاويد علي جمالي ۽ مرڪزي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. ٻئي پاسي اياز لطيف پليجي شهيد محمد فاضل راهو جي نياڻي حسنا راهو جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اسماعيل راهو، اسلم راهو ۽ سموري ڏکايل خاندان سان تعزيت ڪئي آهي. ايياز لطيف پليجي چيو ته حسنا راهو جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ضيائي آمريت خلاف بهادري سان جدوجهد ڪئي. هوءَ ننڍي عمر ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌياڻي تحريڪ جي جلوسن ۾ شامل رهي، گرفتاريون ڏنيون ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 27 مهينا قيد ڪاٽيا. هن جو روڊ حادثي ۾ وڇوڙو انتهائي دردناڪ آهي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان اشرف پليجي چيو ته اڄ جيجي زرينا بلوچ جي ويهين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملهائي ويندي. قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو وفد مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.