اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان اڳ به حڪومت کي يقين ڏياريا هئا پر پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مذهبي جماعت ملڪ جي مختلف هنڌن تي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، جنهن سبب پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪافي ثبوت موجود هئا. راڻا ثناءُ الله موجب اهڙي ڪارروائي ۾ ملوث تنظيم تي قانوني طور پابندي لڳائي سگهجي ٿي. هن چيو ته خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي وڏ وزارت لاءِ نه پر سياسي خودڪشي لاءِ آيو آهي، کيس ٻڌائڻ گهرجي ته حڪومت هلائڻ هوا ۾ اڏامڻ ناهي. ياد رهي ته گهرو وزارت ٽي ايل پي تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔