حادثي ۾ فوت ٿيل حسنه راهو جي راهوڪي ۾ تدفين

بدين/ گولاڙچي (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) کورواھ ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي ٻن تيز رفتار ڪارن جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل شھيد فاصل راھو جي نياڻي ۽ صوبائي وزير اسماعيل راھو جي ڀيڻ حسنه راھو جو مڙهه ڪراچي کان اباڻي گهر راهوڪي پهچايو ويو، جتي آخري رسمون ادا ڪري شهيد فاضل راهو جي ڀر ۾ حسنه راهو کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، حسنا راھو جي جنازي نماز ۾ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي، سي ايم  سنڌ جي صلاحڪار ويرجي ڪولھي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو، اڳوڻي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا، تاج محمد سوڌو سياسي سماجي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته حسنه راھو جي گاڏي سان ٿيندڙ حادثي ۾ زخمي ٿيل رٽائر فوجي ستار چانڊيو به زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو، شھيد فاصل راھو جي نياڻي حسنا راھو جي جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي عوامي آواز جي ناصر خٽڪ، عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح، مدثر سنگراسي پاران صوبائي وزير اسماعيل راھو سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ويو ته شھيد فاصل راھو جي پوري فيملي سان ڏک جي گھڙي ۾ گڏ آھيون، حسنه راهو ايم آر ڊي تحريڪ دوران سرگرم اڳواڻ طور سڃاتي ويندي هئي، سندس لاڏاڻي تي راھوڪي شهر سوڳ ۾ بند رهيو ۽ علائقو سوڳوار بڻجي ويو، ٻئي پاسي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته شھيد فاضل راھو جي نياڻي سنڌ جي حقن  لاءِ جدوجھد ڪندڙ ۽ جيل ڪاٽيندڙ حسنه راھو جي وڇوڙي تي تمام گھڻو ڏک پھتو سندس وڇوڙي تي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، بيان جاري ڪندي هن چيو ته حسنه راھو شھيد فاضل راھو جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ جيل پڻ ڀوڳي حسنه راھو جھڙا ڪردار ورلي پيدا ٿيندا آهن، اھڙن ڪردارن جو خال ڀرجڻ ڏکيو آهي، سنڌ ھاري ڪاميٽي سندس اوچتي وڇوڙي تي دلي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.