سنڌ جو عوام وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن جو ساٿ نه ڏئي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 21 کان 23 نومبر تائين مينار پاڪستان تي ٿيندڙ جماعت اسلامي جو جلسو ملڪ ۾ تبديلي ۽ انقلاب جي خوشخبري ثابت ٿيندو. بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي وسيلن سان مالا مال هوندي به ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، جڏهن ته حڪمران پنهنجي عياشين ۾ مصروف آهن. سنڌ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بي امني وڌي وئي آهي، پ پ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي بار بار آزمايل وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن بدران جماعت اسلامي جي ديانتدار قيادت جو ساٿ ڏئي، جيئن سندن مسئلا حل ٿي سگهن. ان کان سواءِ جماعت اسلامي اڳواڻ ڪاشف سعيد شيخ، مولانا اسدالله ڀٽو، محمد يوسف ۽ مجاهد چنا صوبائي وزير اسماعيل راهو سان ڀيڻ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه لاءِ مغفرت جي دعا گهري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.