اي سي سي اجلاس ۾ سون جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي ختم

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سون جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي ختم ڪرڻ ۽ مختلف منصوبن لاءِ رقم جاري ڪرڻ جون منظوريون ڏئي ڇڏيون، رپورٽ موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيل اي سي سي اجلاس ۾ سون جي  واپار بابت معطل ٿيل ايس آر او بحال ڪرڻ ۽ پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جاري ڪيل پڌرائي موجب قيمتي ڌاتن ۽ زيورن جي برآمد ۽ درآمد لاءِ موجود فريم ورڪ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، اجلاس ۾ درآمدي پاليسي ۾ پري شپمينٽ انسپيڪشن نظام کي بهتر بڻائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، بيگيچ ۽ ٽرانسفر اسڪيم تحت گاڏين جي درآمد بابت تجويزن تي وڌيڪ مشاورت جي هدايت ڪئي وئي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ 2.5 ارب رپيا، ايف ڊبليو او جي اوور ڊرافٽ ڪليئرنس ۽ رينجرز هيليڪاپٽر جي پرزن لاءِ 2 ڪروڙ 15 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، اليڪشن ڪميشن کي بلدياتي چونڊن جي خرچن لاءِ 45 ڪروڙ 60 لک رپيا ۽ پاڪستان منٽ ڪالوني ۾ بجلي جا ميٽر لڳائڻ لاءِ 11 ڪروڙ 21 لک رپيا به منظور ڪيا ويا، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب زرعي پيداواري اثرائتي ٿي آهي، جڏهن ته سيپٽمبر ۾ مهانگائي 5.6 سيڪڙو تائين وڌي وئي، ڪڪڙ، چانور ۽ ايل پي جي سستا ٿيا، پر کنڊ، گوشت ۽ گيهه مهانگا ٿيا، اي سي سي خوردني تيل ۽ گيهه شعبي ۾ ممڪن ڳڙ جوڙ جي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ رمضان ۾ قيمتن جي استحڪام لاءِ منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان سان گڏ صوبن کي مارڪيٽ مانيٽرنگ لاءِ ادارو شماريات جو سسٽم استعمال ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.