پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 5300 پوائنٽن جي شديد مندي

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت مندي ڏسڻ ۾ آئي، جتي ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ئي 5 هزار 300 کان وڌيڪ پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي، جنهن سبب سيڙپڪارن کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، پي ايس ايڪس جي ويب سائيٽ موجب سومر ڏينهن ڪاروبار جي شروعات سان ئي مارڪيٽ ۾ مندي جو رجحان رهيو ۽ منجهند 2 وڳي 39 منٽ تي انڊيڪس 5 هزار 322 پوائنٽن (3.26 سيڪڙو) گهٽجي هڪ لک 57 هزار 775 پوائنٽن تي پهچي ويو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي انڊيڪس ۾ 4 هزار 654 پوائنٽن (2.85 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان سطح هڪ لک 58 هزار 443 پوائنٽن تي بند ٿي، گذريل جمعي تي مارڪيٽ هڪ لک 63 هزار 98 پوائنٽن تي بند ٿي هئي، ياد رهي ته هن مهيني دوران اسٽاڪ مارڪيٽ تسلسل سان نون سنگ ميلن کي عبور ڪندي هڪ لک 69 هزار پوائنٽن جي بلند ترين سطح تائين پهتي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.