ميرپورخاص ۾ بينظير انڪم مان ڪٽوتي ڪندڙ جوابدار جيل حوالي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مستحق عورتن جي ايندڙ وظيفي مان ڪٽوتي ڪرڻ  جي شڪايتن تي ايف آءِ اي ميرپورخاص پاران جھڏو ۾ ڪاروائي ڪندي گرفتار ڪيل احسان علي، امر سنگھ، شهزاد علي، نعيم، گيان، خميسو، امان الله، سفير انور، ڪنور، جاويد علي، نارائڻ، جعفر، محمد بخش، جمن، عبدالحميد بابو، عبدالحميد، رجب علي، ڪاشف، شاهنواز، بي آءِ ايس پي جي ڪامورن شاهنوز چنڙ، سهيل انور، اسفاق احمد چنڙ سميت 21 ڊوائس هولڊرن ۽ ملوث جوابدار عملي جو هڪ ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي گذريل ڏينهن ٻيهر جوابدارن کي ميرپورخاص جي ڪنزيومر ڪورٽ ميرپورخاص ۾ پيش ڪيو عدالت پيش ڪيل جوابدارن کي جيل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حُڪم ڏنو جنهن بعد جوابدار کي پوليس جي پهري ۾ سينٽرل جيل ميرپورخاص نيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.