اسلام آباد (بيورو) چيئرمين جوائنٽس چيِفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سرڪاري دوري تي مالديپ پهتو، جتي هن مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيظ، دفاع واري وزير محمد غسان ماؤمون ۽ چيِف آف ڊي فنس فورس ميجر جنرل ابراهيم حلمي سان ملاقاتون ڪيون، آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ عالمي ۽ علائقائي سلامتيءَ جي تبديل ٿيندڙ صورتحال، گڏوگڏ گڏيل دلچسپيءَ وارا معاملا ۽ ٻه طرفا دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيال ونڊيا ويا، ٻنهي ڌرين عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ڀائيواري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو، مالديپ جي سول ۽ فوجي قيادت پاڪ فوج جي پيشورانه معيار جي واکاڻ ڪئي ۽ دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين کي ساراهيو.