ڪوئٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ هٿياربندن هڪ تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ تي حملو ڪري 18 پورهيتن کي اغوا ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيترين گاڏين ۽ مشينري کي باهه ڏئي تباهه ڪيو ويو، هي واقعو صوبي ۾ هفتي دوران مزدورن جي اغوا جو ٻيو وڏو واقعو آهي، جنهن سان علائقي ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌيڪ وڌي ويا، حملو خضدار کان لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر پري نال جي علائقي ڪليڙي ۾ پيش آيو، جتي درجنين هٿياربندن شاهراهه بند ڪري، ٽريفڪ روڪي، هڪ نجي تعميراتي ڪمپني جي ڪيمپ ۽ ڪرش پلانٽ تي چڙهائي ڪئي، هي ڪمپني خضدار کي واشڪ جي علائقي بسيمه سان ڳنڍيندڙ اهم روڊ جي تعمير تي ڪم ڪري رهي هئي، جيڪو صوبائي ترقياتي منصوبن جو حصو آهي، ليويز انچارج علي اڪبر ٻڌايو ته حملي دوران هٿياربندن 8 کان وڌيڪ گاڏين ۽ ڀاري مشينري کي باهه ڏني ۽ ڪيمپ ۾ موجود پورهيتن کي زبردستي ساڻ وٺي ويا، اغوا ٿيل پورهيتن مان گهڻا سنڌ جا آهن، جيڪي روزگار جي ڳولا ۾ بلوچستان آيا هئا، ڪمپني ”ڊي بلوچ“ جي مينيجر ذوالفقار احمد ٻڌايو ته شروعاتي طور 20 پورهيت اغوا ٿيا هئا پر بعد ۾ 2 کي ڇڏيو ويو، جڏهن ته 18 اڃا تائين لاپتا آهن، واقعي کان پوءِ ملازمن ۾ سخت خوف پکڙجي ويو آهي ۽ ڪم تي اثر پيو آهي، سڪيورٽي فورسز، ليويز، ايف سي ۽ سي ٽي ڊي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو، جڏهن ته مقامي قبائلي سردارن جي مدد سان پورهيتن جي ڳولا جاري آهي، اڃا تائين ڪنهن به تنظيم ذميواري قبول نه ڪئي آهي، پر علائقي ۾ بلوچ عسڪريت پسند گروپ سرگرم آهن، جيڪي اڳ به تعميراتي ڪمپنين ۽ ترقياتي منصوبن تي حملا ڪندا رهيا آهن، هي واقعو بلوچستان ۾ خراب ٿيندڙ امن ۽ سڪيورٽي صورتحال جي علامت آهي. هڪ هفتي ۾ مزدورن جي اغوا جا ٻه واقعا ٿي چڪا آهن، جن ۾ مجموعي طور 27 پورهيت آهن، حڪومت بلوچستان واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ذميوارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف آڏو آندو ويندو.