ڪراچي (رپورٽر) ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ پاران وارننگ ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن پوليو خلاف مهم ۾ تسلسل برقرار نه رکيو ويو ته ايندڙ ٽن سالن اندر سنڌ ۾ پوليو جي نون ڪيسن جو انگ 20 هزار تائين پهچي سگهي ٿو، جناح اسپتال ڪراچي جي نجم الدين آڊيٽوريم ۾ اي او سي سنڌ پاران پوليو جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ تقريب ٿي، جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او، يونيسف ۽ ٻين ساٿي ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا، تقريب ۾ خطاب ڪندي اي او سي سنڌ جا ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍر چيو ته پوليو ورڪر اسان جا حقيقي فرنٽ لائن هيرو آهن، جيڪي سخت حالتن، گرمي، سياري، برسات ۽ ڏکين علائقن ۾ وڃي ٻارن تائين ويڪسين پهچائن ٿا، اسان کي پڪ آهي ته جلد پوليو فري ڏينهن ملهايو ويندو، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پوليو ورڪرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اهي پنهنجي گهر، ٻارن ۽ آرام کي ڇڏي عوام جي خدمت ڪن ٿيون،جيڪڏهن عوام جو ساٿ ساڻن رهيو ته 2026ع تائين سنڌ کي پوليو کان مڪمل طور پاڪ ڪيو ويندو، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو والدين کي اپيل ڪئي ته ٻارن کي پوليو جا پڙا ضرور پيارين، ڇوته جيڪي ٻار ظاهري طور تي صحتمند لڳن ٿا، اهي به وائرس پکيڙڻ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، عذرا پيچوهو جناح اسپتال بابت ڳالهائيندي چيو ته اسپتال وفاق کان لِيز تي ورتل آهي ۽ ان کي آئوٽ سورس ڪرڻ بابت جون افواهون بلڪل بي بنياد آهن، ڊينگي جا جيڪي مريض او پي ڊي ۾ اچي رهيا آهن، اهي ئي رپورٽ ٿي رهيا آهن.