ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو ڀارتي اداڪار ڀارت ستيش شاهه 74 ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار ستيش شاهه ڊگهي عرصي کان ڦڦڙن جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو، هن اڄ ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
رپورٽن موجب، ستيش شاهه جون آخري رسمون سڀاڻي ممبئيءَ ۾ ادا ڪيون وينديون
واضح رهي ته ستيش شاهه پنهنجي فلمي سفر 1970ع ۾ شروع ڪيو ۽ ڪيئي مشهور فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.
هن 1983ع ۾ رليز ٿيل فلم”جاني ڀي دو يارو“ ذريعي شهرت ماڻي، جنهن کانپوءِ ڪيترائي ڪردار سندس سڃاڻپ بڻيا.
پنهنجي فني ڪيريئر دوران استيش شاهه امتاڀ بچن، شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان سميت سڀني وڏن اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو.
هن ننڍي اسڪرين تي به قسمت آزمائي ڪئي ۽ اتي به ڪاميابين جا جهنڊا کوڙيا، ڊراما سيريل “يه جو هي زندگي” جي 55 قسطن ۾ 55 مختلف ڪردار ادا ڪيا هئا.